ڪراچي/اسلام آباد/لاهور(رپورٽر/بيورو/م ڊ) ملڪ ۾ کنڊ جو بحران ٿي ويو آهي، مختلف شهرن ۾ کنڊ اڻ لڀ ٿي وئي آهي. منافعي خور مافيا کنڊ سستي ڪرڻ کان انڪار ڪندي کنڊ 165 رپيا هول سيل اگهه تي ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن سبب وڏين منڊين مان کنڊ غائب ٿي وئي آهي. اوپن مارڪيٽ ۾ چيني جي قيمت 200 رپيا في ڪلوگرام کان وڌي وئي آهي. حڪومت مافيا تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ڪارروائي ڪرڻ بدران حڪومت شگر ملز ايسوسئيشن سان اڄ گڏجاڻي ڪوٺائي ورتي آهي. ملڪ جي وڏي ٻڌي مارڪيٽ اڪبري منڊي مان کنڊ غائب ٿي وئي آهي، جنهن ڪري نئون بحران جنم وٺي رهيو آهي۔ منڊي جي واپارين جو چوڻ آهي ته شوگر ملز مالڪن، 165 رپيا في ڪلو جي ايڪس-مل قيمت تي فراہمي لاءِ تيار ته ٿيا پر پوءِ به کنڊ جي فراهمي بند ڪري ڇڏي وئي. کنڊ جو ذخيرو ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي، ۽ ڪيترن ڏينهن کان شوگر ملز ڪا به سپلاءِ نه پئي ڏين. ڊيلرز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته شوگر ملز 165 رپيا جي حڪومتي مقرر ڪيل اگهه تي کنڊ فراهم نٿيون ڪن، جڏهن ته شوگر ملز ايسوسيئيشن جو دعويٰ آهي ته ملون 165 رپيا ايڪس مل قيمت تي ئي سپلاءِ ڪري رهيون آهن۔واضح رهي ته باوجود ان معاهدي جي، ته شوگر ملز چيني 165 رپيا ڪلو ۾ ڏينديون، مارڪيٽ ۾ پرچون قيمت اڃا به 185 کان 190 رپيا في ڪلو تائين جاري آهي۔ ڪٿي ته 200 رپين کان وڌي ويو آهي. ڪراچي ۾ کنڊ جو هول سيل 170 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. ڪمشنر ڪراچي موجب جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب کنڊ جو هول سيل اگهه، 170 روپيا في ڪلو ۽ ريزڪي اگهه 173 روپيا في ڪلو مقرر ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن ۾ سڀني هول سيلرن، ريٽيلرن ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽورن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي نئين سرڪاري اگهه تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻائين.هوڏانهن اڃا تائين ڪراچي ۾ سرڪاري اگهه تي عمل نه ٿي سگهيو آهي، ڪجهه علائقن ۾ ته 200 رپيا في ڪلو تي پهتل آهي. هوڏانهن وفاقي حڪومت ملڪ ۾ کنڊ جي وڌندڙ قيمتن تي ضابطو نه اچي سگهڻ تي کنڊ جي ايڪسپورٽرز، شوگر مل مالڪن ۽ ڊيلرز خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب ڪيترن ئي شوگر مل مالڪن ۽ ڊيلرز جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن.انهن کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ کان روڪيو ويو آهي. جن شوگر مل مالڪن ۽ ڊيلرز ڊسمبر 2024 ۾ کنڊ ايڪسپورٽ ڪئي، انهن کان پوڇا ڳاڇا ڪئي ويندي. ڪامورن کان به جاچ ڪئي ويندي. شوگر ملز مالڪن کنڊ جي خريداري لاءِ شوگر ڊيلرز تي جي ايس ٽي سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻ جي شرط لاڳو ڪري ڇڏي آهي۔ ذريعن موجب، شوگر ملز مالڪن اهو شرط رکڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪو به شوگر ڊيلر کنڊ خريد ڪرڻ چاهي، اهو پنهنجو جي ايس ٽي (سيلز ٽيڪس) رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ پيش ڪري، پر مارڪيٽ ۾ گهڻا شوگر ڊيلرز ۽ هول سيلرز اهڙا آهن جيڪي اڃا تائين سيلز ٽيڪس رجسٽرڊ ناهن. ذريعن ٻڌايو ته، هن شرط جي ڪري مارڪيٽ ۾ کنڊ بابت غير يقيني صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جنهن جو اثر مارڪيٽ تي پيو آهي۔ ٻئي طرف، ٻڌي مارڪيٽ مان چيني غائب ٿي وئي آهي، جنهن سبب ملڪ ۾ چيني جو نئون بحران پيدا ٿيڻ لڳو آهي۔ اوپن مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمت 200 رپيا في ڪلوگرام کان وڌي وئي آهي.