اطلاع آهن ته پاڪستان ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جا پٽ سليمان ۽ قاسم آمريڪي صدر ٽرمپ سان ملاقات ڪرڻ کانسواءِ واپس لنڊن پهچي ويا آهن جتان هو ايندڙ مهيني پنهنجي والد عمران خان سان ملاقات ڪرڻ لاءِ اسهندا جتي سندن استقبال لاءِ تياريون ۽ سندن حفاظت لاءِ پاڪستان ۾ مقرر برطانوي سفير اڳواٽ ۾ انتظام ڪندو جنهن لاءِ کيس برطانوي حڪومت ۽ شاهي گهراڻي پاران هدايتون ملي چڪيون آهن۔ اهي به اطلاع آهن ته چارٽرڊ جهاز وسيلي برطانيا آمريڪا جرمني ۽ ٻين ملڪن جا صحافي به سليمان ۽ قاسم جي ڪوريج ڪرڻ لاءِ پهچن پر هتي اهو سوال اڀري رهيو آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ آخر عمران جي پٽن سان سڌي طرح ملاقات کان ڪهڙي سبب پاسيرو رهيو يا ملاقات ۾ هن ڪنهن به قسم جي ڪا دلچسپي نه ڏيکاري۔
پاڪستان جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جيڪو اڳواٽ ڪنهن شيڊول پروگرام جي آمريڪا ياترا تي پهتل آهي آمريڪي حڪام آڏو اڊيالا جيل ۾ سزائون ڪاٽيندڙ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان بابت وضاحتون ڏئي رهيو آهي۔ هن پنهنجي هم منصب آمريڪي پرڏيهي وزير آڏو اها وضاحت ڪئي آهي ته عمران خان جي ڪيسن ۽ سزائن سان پاڪستان حڪومت جو ڪو ڏيڻ وٺڻ ناهي۔ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار آمريڪا جو هي دورو ان وقت ڪري رهيو آهي جنهن مهل اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جا ٻئي فرزند سليمان ۽ قاسم آمريڪا پهتل هئا، جيڪي پڻ پنهنجي والد جي خلاف ٿيندڙ انتقامي ڪارواين غيرانساني سلوڪ ۽ ناانصافين بابت آمريڪي عملدارن ۽ اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري کين آگاهه ڪري رهيا هئا جتان کين مثبت موٽ به ملي آهي باقي ان ڳالهه جو کين انتظار آهي ته آمريڪي صدر کين ڪهڙي موٽ ٿو ڏئي ۽ ساڻن ملي به ٿو يا نه جنهن بعد هو آگسٽ جي پهرين هفتي پاڪستان ايندا جتي پنهنجي والد سان ملاقات ڪري ان جي آزادي لاءِ حڪمت عملي جوڙيندا پر تازا اطلاع اهي آهن ته ٽرمپ ساڻن ناهي مليو يا وري کين صدارتي محل مان اهڙي ڪا پردي پويان خاطري ملي آهي جو اهي واپس برطانيا پهتا آهن۔
ٻئي طرف مختلف سزائون ڪاٽيندڙ قيدي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پٽن قاسم ۽ سليمان پنهنجي والد جي بي گناهين مٿس ٿيندڙ انتقامي ڪاررواين ۽ غيرانساني سلوڪ بابت ثبوت ڪٺا ڪيا آهن ۽ ممڪن آهي ته اهي عالمي عدالت سان به رجوع ڪن۔ هنن آمريڪي صدر ٽرمپ سان ملاقات ڪرڻ جي به وڏي ڪوشش ڪئي جنهن لاءِ صدر ٽرمپ جا ويجها ساٿي ۽ مشير ان ڪوشش ۾ به هئا پر آمريڪي صدر ٽرمپ ڪو وچون رستو ڪڍندي ۽ خطي جي حالتن کي نظر ۾ رکندي عمران جي پٽن سان سڌي سنئين ملاقات ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي جو کيس مستقبل قريب ۾ ڀارت جو به دورو ڪرڻو آهي ۽ ٿي سگهي ته هو پاڪستان به ڪجهه گهڙين لاءِ وڃي جنهن ۾ آمريڪا جا ڪجهه پنهنجا مفاد آهن۔ اهي به خبرون آهن ته عمران جي ٻنهي پٽن کي ڪجهه مايوسي به ٿي آهي جو اهي صدر ٽرمپ سان ملڻ بنا واپس برطانيه پهتا آهن۔آمريڪا کي هن وقت دنيا جي ڪنهن ملڪ مان خطرو ناهي پر جيڪا صورتحال آهي هو چين روس ۽ ايران مان خطرو محسوس ڪري ٿو جنهن ڪري في الحال هو ڪنهن به قسم جي رسڪ نه کڻندو ۽ پاڪستان سان پنهنجا لاڳاپا ڪمزور نه ڪندو، البته هو پاڪستان کي جمهوري عمل کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪري سگهي ٿو، جنهن ۾ عمران خان سميت سمورن سياسي قيدين جي آزادي به شامل هوندي۔
بهرحال عمران خان جي پٽن جي آمريڪا ۾ موجودگي ۽ سندن سياسي چرپر کي وڏي اهميت ملي آهي جڏهن ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار آمريڪا جي روين مان خوش ناهي جو هن اهو چئي پنهنجي جان آزاد ڪرائي آهي ته عمران خان جي ڪيسن ۽ سزائن سان پاڪستان سرڪار جو ڪو به هٿ ناهي ۽ هن اڻ سڌي طرح اهو سڄو بار طاقتورن تي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔ آمريڪا هر ڳالهه کان پوري ريت واقف آهي ته 2024 واريون عام چونڊون ڪيئن ٿيون ۽ حڪومت جو وجود ڪهڙي حڪمت عملي سان آيو۔ اسحاق ڊار آمريڪا ۾ هاڻ وڦلي پيو ۽ هن آمريڪي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ اهو به بيان ڏنو آهي ته ڊاڪٽر عافيه کي آمريڪا قانون تحت صحيح سزا ٻڌائي وئي آهي جنهن سان به عوام ۾ ن ليگ جي پاليسين تي سخت خدشا پئدا ٿيا آهن ۽ اهڙي غير مناسب بيان جي مذمت ٿي رهي آهي۔
هوڏانهن پي ٽي آءِ جي قيادت عمران خان جي ٻنهي پٽن سليمان ۽ قاسم جي پاڪستان پهچڻ تي سندن زبردست استقبال ڪرڻ واري حڪمت عملي به تيار ڪئي آهي جنهن تحت کين پشاور ايئرپورٽ تي لاهڻ ۽ پروٽوڪول ڏيڻ جا انتظام ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي جتان کين جلوس جي صورت ۾ اسلام آباد آڻي کين والد سان ملاقات ڪرائي ويندي جڏهن ته ن ليگ جي اڳواڻ راڻا ثناءَ الله چيو آهي بلڪه هڪ قسم جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي ته اهڙي قسم جي ڪا به اجازت نه ڏني ويندي جنهن سان امن امان ۾ ڪو رخنو پوي البته اسلام آباد پهچڻ جي صورت ۾ کين سرڪاري طور تحفظ ڏنو ويندو هو جيترو وقت چاهيندا کين والد سان ملاقات ڪرڻ ڏني ويندي۔ جيڪڏهن هو سياست ڪرڻ ايندا ته اهو به سندن حق آهي ڪري سگهن ٿا کين ڪنهن به قسم جي روڪ ٽوڪ نه هوندي، هن عمران خان تي به ماضي جي سياسي بيانن کي نظر ۾ رکندي ڇوهه ڇنڊيا آهن جنهن ۾ هو چوندو رهيو آهي ته پي ٽي آءِ خانداني سياست ۾ يقين نٿي رکي
راڻا ثناءَ الله جو بيان ظاهر ٿو ڪري ته حڪومت عمران خان جي پٽن جي رستا روڪ ڪرڻ جي ڪا حڪمت عملي تيار ڪئي آهي جنهن سان حالتون خراب به ٿي سگهن ٿيون ڇو جو چئني صوبن مان پي ٽي آءِ ورڪرن کي ان ڏينهن اسلام آباد ۽ پشاور پهچڻ جو چيو ويو آهي جيڪي هزارن جي انگ ۾ پهچي سگهن ٿا۔ عمران خان جي پٽن جي پاڪستان آمد ۽ آمريڪي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪرڻ کان اڳ عدالتن نائين مئي وارن ڪيسن ۾ تڪڙا فيصلا ڏئي پي ٽي آءِ کي عالمي سطح تي هڪ دهشتگرد پارٽي طور وائکي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن سان عمران خان جو پلڙو ڀاري ٿيندي نظر اچي ٿو جنهن سان هو اڳتي هلي عالمي عدالتن ۾ سرخرو ٿي سگهي ٿو۔ جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ جون مخصوص سيٽون کسي کيس اقليت طرف ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي پر سينيٽ چونڊن ۾ پوءِ به هن ڪي پي ڪي مان ڇهه سيٽون حاصل ڪيون آهن جنهن مان لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ کي ٽوڙڻ ڪجهه مشڪل آهي ۽ اها ڏينهون ڏينهن مقبوليت ماڻي رهي آهي۔
هوڏانهن ن ليگ قيادت به وقتي سياسي حالتن ۽ عمران خان جي پٽن جي پاڪستان آمد ۽ آمريڪا ۾ سندن سياسي چرپر کان خوفزده آهي۔ راڻا ثناءَ الله ته پنهنجي جاءِ تي پر ن ليگ سربراهه ميان محمد نواز شريف به ڪجهه خوف ۾ ورتل نظر اچي ٿو۔ سندس ڪوهه مري جي برفاني علائقن مان جاري ٿيل سياسي بيان کي به نظرانداز ڪري نٿو سگهجي جنهن ۾ هن چيو آهي بلڪه مايوسي ظاهر ڪئي آهي ته سندن حڪومت بي اختيار آهي هڪ معني خيز جملو آهي۔ اهڙي طرح ن ليگ اڳواڻ نائب وزير اعظم اسحاق ڊار جو اهو بيان ته عمران خان جي سزائن ۾ حڪومتي هٿ ناهي ن ليگ سربراهه ميان محمد نواز شريف جي ڪوهه مري ۾ ڏنل بيان جي پٺڀرائي ٿو ڪري ته سندن حڪومت بي اختيار آهي چئي ن ليگ حڪومت پاڻ کي بچائڻ ۽ عمران خان خلاف ٿيندڙ انتقامي ڪاررواين ۽ الزامن کان پري رکڻ سان گڏ طاقتور ڌرين کي اهڙين سزائن ۾ ملوث ڪرڻ چاهي ٿي ۽ سندن بيان سياسي ڪمزوري جو اهڃاڻ ۽ ثبوت آهن۔ اهڙي طرح حڪومت صدر مملڪت کي بااختيار بنائڻ لاءِ جيڪا 27 هين ترميم آڻڻ جي نيت رکي ٿي ان جو خاص مقصد اهو آهي ته صدر آصف علي زرداري جي استعيفا بعد جيڪڏهن نوازشريف کي اهو منصب ملي ٿو ته هو بااختيار رهي سگهي ۽ جيڪو به نئون وزيراعظم اچي سندس ڳيجهو رهي پر ايئن به ضروري ناهي ٿي سگهي ته بااختيار صدر به ڪنهن طاقتور ڌر مان اچي جنهن لاءِ قياس آرائيون به هلن پيون۔ جيڪڏهن بااختيار صدر اچي به ٿو ته لازمي ناهي وزيراعظم پ پ يا ن ليگ جو ئي اچي۔ ٿي سگهي ته ڪنهن ٽين ڌر جو اچي جيڪا آئيندي جي بااختيار صدر کي قبولڻ ۾ اڳيان اڳيان رهي ۽ رڪاوٽ نه بڻجي۔ اهي به امڪان آهن ته نئين بااختيار صدر جي اچڻ بعد اسيمبليون ٽٽن ۽ ملڪ ۾ نيون چونڊون ٿين ڪا نئين سياسي قيادت اچي جنهن لاءِ آمريڪا به پاڪستان ۾ نين چونڊن ۽ نئين قيادت آڻڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويٺي آهي ۽ پيپر ورڪ هلي رهيو اٿس۔ جنهن قسم جي هوا لڳي رهي آهي ٿي سگهي ته اڳتي هلي عمران خان سميت سمورا سياسي قيدي به آزاد ٿين مٿن عائد الزام ختم ٿين ۽ نئون سياسي سيٽ ٺهي۔بهرحال عمران جي پٽن جي پاڪستان اچڻ کانپوءِ ئي وڌيڪ سياسي صورتحال سامهون اچي ويندي ته اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ليٽي۔