نمبر پليٽن جو مسئلو ۽ ان جو حل

تحرير: پروفيسر توصيف احمد

ڪراچي شهر ۾ گئس فراهم ڪندڙ ڪمپني سڄي شهر ۾ گئس جون نيون لائنون وڇائڻ جو منصوبو جوڙيو. ان رٿا تحت ڪراچي جي روڊن کي ٽوڙي، انهن ۾ نوان پائپ وڇائڻا هئا، نتيجي طور شهر جون اهي روڊ، جيڪي اڳي ئي زبون حالي جو شڪار هئا، وڌيڪ تباهه ٿي وڃن ها. گئس ڪمپني جي انتظاميا ان صورتحال کي سمجهي، ڪراچي ۾ شهري سهولتون مهيا ڪندڙ سمورن ادارن کي اڳواٽ 11.9 ارب رپيا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. گئس ڪمپني اها رقم بلديه ڪراچي، سمورن ٽائونز، ڪي ڊي اي ۽ سڀني ڪنٽونمينٽس کي ترت ادا ڪئي.انهن ادارن جي اجازت سان گئس جون نيون لائينون وڇائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. گئس ڪمپني ڪيترن مهينن اڳ پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو، پر شهر جي روڊن تي کوٽيل کڏن کي بند نه ڪيو ويو، جنهن سبب موٽر سائيڪل هلائيندڙن لاءِ ته سخت تڪليفون پيدا ٿي ويون، پر ڪار ۽ بس هلائيندڙن لاءِ به مشڪلاتون وڌي ويون. هڪ ڏينهن ڪراچي ۾ برسات ٿي، ڪن علائقن ۾ تيز ته ڪن ۾ هلڪي، پر جيتري به برسات ٿي، ان سبب پيدل هلندڙ ماڻهو کڏن ۾ ڪري پيا ۽ موٽر سائيڪلن جا حادثا وڌي ويا.

گذريل هڪ سال دوران ڪراچي شهر ۾ ٽريفڪ جي حادثن ۾ گھڻائي سان واڌ ٿي آهي. موٽر سائيڪل هلائيندڙن کي سڀ کان وڌيڪ حادثا پيش آيا آهن. هيوي ٽرالر ۽ پاڻيءَ جي ٽينڪرن جو سڀ کان وڌيڪ نشانو به موٽر سائيڪل سوارن کي بڻايو ويو آهي. رڳو نيشنل هاءِ وي جي ڳالهه ڪجي ته زيبسٽ جي هڪ ليڪچرار جو ٽرالر جي ڦيٿي هيٺ اچي فوت ٿي وڃڻ، شاهراهه فيصل تي هڪ مرد، سندس حامله زال ۽ پيٽ ۾ موجود اڻ ڄاول ٻار جي ڄمڻ کان اڳي فوت ٿي وڃڻ جا واقعا انتهائي ڏکوئيندڙ آهن. روزانو ڪراچي شهر جي ڪنهن نه ڪنهن حصي مان اهڙن خوفناڪ حادثن جي خبر اچي ٿي. ماهرن جو چوڻ آهي ته روڊن جي ٽٽڻ، ٽرالرن ۽ ٽينڪرن جي ڊرائيورن جي خراب ڊرائيونگ، انهن حادثن جو وڏو سبب آهي.گذريل مالي سال جي آخري ڏهاڙن ۾ سڄي دنيا ۾ تيل ۽ پيٽرول جون قيمتون گهٽجڻ لڳيون. وفاقي حڪومت به تيل ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي، ايتري تائين جو عالمي اندازن جي باوجود ايران ۽ اسرائيل جي ڏهن ڏينهن واري جنگ دوران به تيل ۽ پيٽرول جا اگهه گهٽ رهيا، پر حڪومت گذريل ٽن مهينن کان تيل ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ لڳاتار واڌ ڪرڻ شروع ڪئي آهي. هاڻ وري تيل ۽ پيٽرول جي قيمتون وڌي ويون آهن. گذريل هفتي ٿيندڙ اعلان مطابق پيٽرول جي قيمت ۾ لڳ ڀڳ 5 رپيا واڌ ڪئي وئي.

پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ سان گڏ روز مره جي استعمال جون شيون به مهانگيون ٿي ويون آهن. خاص طور تي کاڌي پيتي جون شيون ۽ دوائون تمام گهڻيون مهانگيون ٿي ويون آهن. ان سان گڏ روزگار جا ذريعا به گهٽجي ويا آهن. اهڙي ناڪام حڪمراني ۽ شفافيت کان وانجهيل صوبائي حڪومت موٽر سائيڪل ۽ ڪارن جي نمبر پليٽن کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. حڪومت فيصلو ڪيو ته هاڻ اجرڪ جي نشان واري نمبر پليٽ جاري ڪئي ويندي. حڪومت موٽر سائيڪل جي ان نمبر پليٽ جي قيمت 1500 رپيا مقرر ڪئي. موٽر سائيڪل جو هڪ ڀيرو ڏيڻ وارو ٽيڪس 1800 رپيا آهي. اهڙيءَ ريت ڪار لاءِ به نمبر پليٽ جي قيمت وڌائي وئي. انهيءَ سان گڏ، گذريل سال جو ٽيڪس ادا ڪرڻ به لازمي قرار ڏنو ويو. ڪراچي ۾ اندازي موجب رجسٽرڊ ٿيل موٽر سائيڪلن جو انگ 30 لک کان وڌيڪ آهي. ايڪسائيز کاتي سوڪ سينٽر ۾ نئين نمبر پليٽ ڏيڻ لاءِ هڪ مرڪز قائم ڪيو، جنهن سبب ان آفيس ۾ روزانو اهڙو وڏو ميڙو لڳندو آهي جو عام ماڻهوءَ لاءِ آفيس تائين پهچڻ به مشڪل ٿي ويندو آهي. نمبر پليٽ وٺڻ وارن ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آفيس ڀرسان ڦرندڙ ايجنٽن سان معاملو طئي ڪيو وڃي ته ڪم آسانيءَ سان ٿي وڃي ٿو.

ساڳئي وقت، ٽريفڪ پوليس اجرڪ واري نمبر پليٽ نه لڳائيندڙ موٽر سائيڪل هلائيندڙن جو چالان ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه ماڻهن کي پنج پنج هزار رپين تائين چالان ڀرڻو پيو. گذريل سال ۾ هڪ ارب ستاويهه ڪروڙ رپين جا ڏنڊ لاڳو ڪيا ويا ۽ انهيءَ مالي سال دوران هڪ ارب ٻئيتاليهه ڪروڙ رپيا گڏ ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. پر هي رقم نه ته روڊن جي مرمت، نه ئي سگنلن جي جديد نظام لاءِ خرچ ٿيندي آهي، ۽ نه ئي عام ماڻهن لاءِ زيبرا ڪراسنگ يا سگنل جي سهولت مهيا ڪرڻ تي لڳندي آهي.جڏهن ميڊيا تي موٽر سائيڪل سوارن جي وڏي رقم جي چالان جون خبرون نشر ٿيون ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، تڏهن ئي اعليٰ عملدارن کي صورتحال جي سنجيدگيءَ جو احساس ٿيو ۽ هاڻ 5 آگسٽ تائين نئين نمبر پليٽ لڳائڻ جي تاريخ وڌائي وئي آهي.

ڪجهه صحافين لکيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿيڻ کان 15 سال پوءِ سيڪورٽي (Safe City) پروگرام مڪمل ڪرڻ جو ارادو ڪيو ويو آهي. ان مقصد لاءِ ڪمپيوٽرائيزڊ نمبر پليٽ ضروري ڪئي وئي آهي ته جيئن سيڪورٽي پروجيڪٽ تحت رستن تي لڳل ڪئميرائون موٽر سائيڪل ۽ گاڏين جي سڃاڻپ ڪري سگهن. پر سنڌ حڪومت جي هڪ خاتون ترجمان هڪ ٽي وي پروگرام ۾ اها حقيقت تسليم ڪئي ته اڃا تائين شهر جي گهڻن علائقن ۾ ڪئميرائون لڳايون ئي ناهن ويون، صرف ريڊ زون ۾ اهي ڪئميرائون نظر اچن ٿيون. سڄي شهر ۾ هر چوراهي تي ڪيمرا لڳائڻ لاءِ مهينا يا سال لڳي سگهن ٿا.

ان وقت ڪجهه ماڻهن ان مسئلي کي لسانيت ڏانهن موڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر حقيقت ۾ هي مسئلو سٺي حڪمراني ۽ مهانگائي سان جڙيل آهي. نارٿ ڪراچي جي علائقي ۾ هڪ غير سرڪاري تنظيم (اين جي او) جي نوجوان رضاڪارن اجرڪ واري نمبر پليٽ مفت ورهائڻ شروع ڪئي، جنهن مان ڪيترن هزار ماڻهن فائدو ورتو. پر پوءِ پوليس انهن رضاڪارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڪجهه صحافين جو چوڻ آهي ته شهر جي مختلف علائقن ۾ گهٽ قيمت تي نمبر پليٽون وڪرو ٿي رهيون آهن ۽ ماڻهو اهي پليٽون وٺي رهيا آهن.حڪومت فوري طور هن مسئلي تي ڌيان ڏئي. ان مسئلي جو فوري حل هي آهي ته نمبر پليٽ جي قيمت نهايت گهٽ مقرر ڪئي وڃي. حڪومت جو فرض آهي ته شهر ۾ بلدياتي ذميواريون نڀائيندڙ سمورن ادارن کي پابند ڪيو وڃي ته هو فوري طور تي روڊن جي مرمت ڪرائين. شهر ۾ ڏينهن جي وقت هيوي ٽريفڪ جي اچ وڃ تي لاڳو پابنديءَ تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو وڃي، بين الاقوامي معيار موجب ٽريفڪ کي سنڀالڻ جو جديد نظام لاڳو ڪيو وڃي ۽ اجرڪ واري نمبر پليٽ موٽر سائيڪل وارن کي صرف 100 رپين ۾ مهيا ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.