عالمي خطرن ۽ پيچيده هائبرڊ چئلينجن دوران گڏيل فوجي سهڪار اڻٽر آهي: فيلڊ مارشل

اسلام آباد(بيورو/ م ڊ) فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته عالمي خطرن ۽ پيچيده هائبرڊ چئلينجن دوران گڏيل فوجي سهڪار جي انتهائي ضرورت آهي، آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب اسلام آباد ۾ پاڪستان جي ميزباني هيٺ ”مضبوط لاڳاپا، محفوظ امن“ جي  عنوان سان علائقائي چيفس آف ڊفينس اسٽاف ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير ڪانفرنس ۾ شريڪ اعليٰ فوجي عملدارن جو آڌرڀاءُ ڪيو، ڪانفرنس ۾ آمريڪا، قازقستان، ڪرغزستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جي اعليٰ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي، آءِ ايس پي آر مطابق، فيلڊ مارشل عاصم منير پنهنجي خطاب ۾ علائقي ۾ امن، استحڪام ۽ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته موجوده چئلينجن جي پس منظر ۾ حڪمت عمليءَ وارو مڪالمو ۽ گڏيل اعتماد انتهائي اهميت رکن ٿا، پاڪستان علائقي جي محفوظ ۽ خوشحال مستقبل لاءِ پُرعزم آهي، آءِ ايس پي آر مطابق، ڪانفرنس جي مقصدن ۾ بهتر قدم، دهشت گردي خلاف جنگ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ شامل آهي، جڏهن ته علائقائي چيفس آف ڊيفنس اسٽاف ڪانفرنس جو بنيادي مقصد گڏيل سهڪار کي مضبوط بڻائڻ آهي، جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هن اعليٰ سطحي مڪالمي ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال، وچ ۽ ڏکڻ ايشيا جي حڪمت عملي واري حالتن ۾ تبديلي، گڏيل تربيتي قدمن، دهشت گردي جي خاتمي ۾ سهڪار ۽ بحرانن دوران انساني همدرديءَ تي ٻڌل مربوط ردعمل جهڙن معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ڪانفرنس ۾ شريڪ وفدن گڏجي امن، احترام، قومي خودمختياري جي تحفظ، دهشت گردي، سائبر سيڪيورٽي جي خطرن ۽ پرتشدد انتهاپسندي جهڙن گڏيل خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي عزم کي ٻيهر ورجايو، ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن دفاعي سفارتڪاري جي فروغ لاءِ پاڪستان جي قيادت، مهمان نوازي ۽ هن قدمن جي ساراهه ڪئي آهي، اسٽريٽجڪ هم آهنگي پاڪستان جي ان ڊگهي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ته هو محفوظ، مربوط ۽ گڏيل سهڪار تي ٻڌل علائقائي نظام جوڙڻ چاهي ٿو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.