سنڌ پنهنجن مالي وسيلن ۾ گهٽتائي برداشت نه ڪندي : سعيد غني

ڪراچي(رپورٽر)پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين  آصف علي زرداري جي 70هين سالگره جي موقعي تي ايڌي سينٽر مٺادر ۾ خاص تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ صوبائي وزير سعيد غني، سينيٽر وقار مهدي، فيصل ايڌي ۽ پارٽي جي ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، ٻارن سان گڏ ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ تحفا پڻ ورهايا ويا. ان موقعي تي ڳالهائيندي سعيد غني آصف زرداري جي سياسي بصيرت، آئيني بحالي، ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ جهڙن قدمن کي تاريخي سنگ ميل قرار ڏنو.سعيد غني تسليم ڪيو ته ملڪ ۾ هن وقت به مڪمل طور آئيڊيل جمهوريت لاڳو ناهي، پر هن چيو ته جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ضروري آهي ته سمورا ادارا پنهنجن آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪن. هن عدليه جي ڪجهه فيصلن کي پارليامينٽ تي حملو قرار ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت لاءِ ايگزيڪيوٽو، پارليامينٽ، ميڊيا، عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ سڀني کي پنهنجي دائري ۾ رهڻو پوندو.هن چيو ته سنڌ يا ڪو به صوبو پنهنجي مالي وسيلن ۾ ڪمي برداشت نه ڪندو، اصل مسئلو ايف بي آر جي ناڪارا ڪارڪردگي آهي، جيڪا ٽيڪس ڏيندڙن تي بار وڌائي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.