اسلام آباد کان لاهور ويندڙ بس حادثي جو شڪار، 9 مسافر فوت، ڪيترائي زخمي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد کان لاهور ويندڙ مسافر بس چڪوال ۾ حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 9 مسافر فوت ۽ 31 زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو اختيارين موجب مسافر بس کي حادثو موٽر وي تي ڍوڪ سيال ڀرسان پيش آيو ۽ بس ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري کاهي ۾ ڪري پئي.
موٽر وي پوليس ترجمان ٻڌايو ته حادثي جو شڪار بس اسلام آباد کان لاهور وڃي رهي هئي، حادثو ڊرائيور جي غفلت سبب پيش آيو، حادثي کانپوءِ ڊرائيور فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي، جڏهن ته پوليس جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.