اربعين لاءِ زميني رستي ايران ۽ عراق وڃن تي پابندي لاڳو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اربعين لاءِ زميني رستي زيارتن تي ايران ۽ عراق وڃڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته زائرين رڳو هوائي جهاز ذريعي زيارتن تي ايران ۽ عراق وڃي سگهندا، کين روڊ ذريعي وڃڻ جي اجازت نه هوندي.
هن چيو ته اهو فيصلو عوامي تحفظ ۽ قومي سلامتي کي ڏسندي ڪيو ويو آهي ۽ پابندي جو فيصلو پرڏيهي وزارت، بلوچستان حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن سان مشاورت کانپوءِ ڪيو ويو آهي.
محسن نقوي چيو ته زائرين فضائي سفر ذريعي زيارتن تي وڃي سگهندا ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي فضائي اڏامن ۾ واڌ ڪئي ويندي، اربعين زائرين لاءِ وڌ کان وڌ فلائيٽن جو انتظام ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.