اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٻن سالن دوران 5 ارب 78 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جي بجلي چوري جو انڪشاف ٿيو آهي.
آڊٽ رپورٽ موجب ٻن سالن ۾ ٻه لک 62 هزار 740 واهپيدار بجلي چوري ۾ ملوث نڪتا، بجلي جي چوري ۾ پشاور، حيدرآباد ۽ لاهور ريجن سڀ کان اڳتي رهيا، جڏهن ته اسلام آباد به بجلي چوري ۾ شامل رهيو.
دستاويزن موجب بجلي چوري ڊائريڪٽ ڪنيڪشن، ڪنڊي، ميٽر ٽيمپرنگ ۽ جعلي ميٽرز ذريعي ڪئي وئي، بجلي چوري سال 23-2022 ۽ 24-2023 دوران 9 رينجرز ۾ ٿي.
آڊٽ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پشاور اليڪٽرڪ ڪمپني ۾ هڪ ارب 84 ڪروڙ رپين جي بجلي چوري ڪئي وئي، جڏهن ته حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ۾ هڪ ارب 61 ڪروڙ ۽ لاهور اليڪٽرڪ ڪمپني ۾ ٻن سالن ۾ هڪ ارب 35 ڪروڙ رپين جي بجلي چوري ٿي.
You might also like