دادو (رپورٽ:غوث جھتيال ) شهيد مرتضيٰ ڀٽي جو پٽ، جونيئر ذوالفقار ڀٽو دادو پهتو، نوجوانن پاران اويس اتيرو جي اڳواڻيءَ ۾ شاندار استقبال ڪيو ويو. سندن آمد جي موقعي تي "جيئي عوام” جي عنوان سان هڪ سيمينار جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ سياسي اڳواڻن، شاگردن ۽ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻھن شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي ذوالفقار ڀٽو چيو ته، اسان چاهيون ٿا ته عوام پاڻ خودمختيار هجي، فيصلا عوام جي هٿ ۾ هجن،باقي پارٽيون ۽ تنظيمون ضلعي سطح تي به ٻين جي هدايتن تي هلن ٿيون، پر اسان جو فلسفو ان کان مختلف آهي. اسان چاهيون ٿا ته عوام کي ضلعي، صوبي ۽ ملڪ جي سطح تي حقيقي خودمختياري حاصل هجي هن وڌيڪ چيو ته ظالمن کان اقتدار کسي مزدورن ۽ هارين حوالي ڪنداسين،اسان اسلام آباد ڏانهن ڏسون ٿا پر ڪنهن کان ڊڪٽيشن نه وٺنداسين،اسان اميرن واري نه پر فقيرن واري سياست چاهيون ٿا اوهان نوجوانن کي منظم ٿي اڳتي اچڻو پوندو، ڇو ته ماڻهو اوهان ۾ اميدون رکن ٿا معاشري جو سڀ کان وڌيڪ مظلوم طبقو عورتون ۽ اقليتون آهن، انهن کي ساڻ کڻي هلڻو آهي. سماج جي سڌاري لاءِ سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي. تقريب دوران محمد خان اتيرو پاران ذوالفقار ڀٽو کي روايتي بوسڪي جو پٽڪو ٻڌائي اعزاز ڏنو ويو، سيمينار ۾ شمس الدين پيرزادو، گلريز کيڙو سميت ڪيترن ئي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.