ڪراچي(رپورٽ: آزاد لال حسين) ڪراچي ٽريفڪ پوليس جو ڪارنامو، رانگ سائيڊ تي ايندڙ سائيڪل واري جو چالان ڪٽي ڇڏيو، ويڊيو وائرل، تفصيل موجب ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ رانگ سائيڊ تي ايندڙ سائيڪل تي ٻارن جا رانديڪا کپائيندڙ جو 500 سئو جو چالا ڪٽي ڇڏيو، چالان ڪٽڻ دوران ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، ويڊيو ۾ سائيڪل وارو پورھيت پوليس آفيسرن کي چوندو رھيو ته غلطي ٿي وئي، رانگ سائيڊ تي آيس، پورھيت چيو ته مون وٽ اٽي جا پيسا ناھن، پنج سئو ڪٿان ڀريندس، ٽريفڪ پوليس آفيسرن چيو ته رانگ سائيڊ ٿو اچين حادثو ٿي پوي ته انھي جو ڪير ذميوار آھي، چالان ڀريو.