سنڌ تي ڏهاڪن کان ڪرپٽ اشرافيا قابض آهي :سلمان اڪرم راجا

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان جي آزادي، آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ بنيادي حقن جي بحالي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل بيئريسٽر سلمان اڪرم راجا ۽ پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ڪئي. مارچ ۾ عورتن، ڪارڪنن ۽ اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن گاڏين تي پارٽي جا جهنڊا ۽ بينر لڳائي حڪومت خلاف نعرا هنيا ۽ عمران خان جي رهائي جو مطالبو ڪيو. ريلي جي شرڪت ڪندڙن حيدرآباد پهچي پي ٽي آءِ جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي بيئريسٽر سلمان اڪرم راجا چيو ته سنڌ جا هاري، زميندار، نوجوان ۽ مزدور انصاف جا منتظر آهن ۽ پي ٽي آءِ عمران خان جي نظريي تحت سندن وقار، عزت ۽ حقن جي لاءِ ميدان تي آهي. هن چيو ته سنڌ تي ڏهاڪن کان ڪرپٽ اشرافيا قابض آهي پر هاڻ تبديلي جو وقت اچي ويو آهي. سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، پاڻي جي اڻبرابري ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ عوام سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اڄ جو نوجوان قومي ۽ عالمي صورتحال کي سمجهي ٿو ۽ اهي ئي نوجوان اسان جي سياست جو مرڪز آهن. پي ٽي آءِ سنڌ جي هر ڳوٺ تائين عمران خان جو پيغام پهچائيندي ۽ عوامي شعور کي بيدار ڪندي. 5 آگسٽ تي تحريڪ فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿيندي ۽ سنڌ جو عوام زبردست احتجاج ڪندو. قوم عمران خان سان گڏ بيٺل آهي، ظلم، جبر ۽ سياسي انتقام جو دور جلد ختم ٿيندو. سنڌ جو عوام به اٿي چڪو آهي ۽ اسان جو مطالبو آهي ته عمران خان تي داخل سڀ ڪوڙا ڪيس فوري ختم ڪيا وڃن. امجد خان نيازي چيو ته اسان عمران خان جو پيغام کڻي سنڌ ۾ آيا آهيون

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.