لاڙڪاڻو( رپورٽ: نعمت مفيري) آل سنڌ لايرز ايسوسيئيشن پاران پاران 9 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ مورو مارچ ۽ 16آگسٽ تي زمينون ليز تي ڏيڻ خلاف وزيراعليٰ هائوس تائين مارچ جو اعلان،لاڙڪاڻي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جي ميزباني هيٺ آل سنڌ لائيرس ايڪشن ڪميٽي طرفان وڪيلن جو ڪنوينشن سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ڪراچي بار جي صدر ناليواري وڪيل عامر نواز وڙائچ، ڪنوينشن جي ميزبان سنڌ هاءِ ڪورٽ بار لاڙڪاڻو جي صدر اطهر عباس سولنگي، ڪي بي لغاري، حسيب پنهور، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ بار جي نائب صدر جاويد بليدي سميت ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه، سکر، لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور ڪنڌڪوٽ سميت سنڌ جي ڊويزنل، ضلعي ۽ تعلقي بار جي صدر، جنرل سيڪريٽري سميت ٻين عهديدارن ۽ وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪنويشن کي خطاب ڪندي ڪراچي بار جي صدر ۽ ناليواري وڪيل عامر نواز وڙائچ چيو ته اسان جي آخري گڏجاڻي مورو ۾ ٿي هئي جيڪا سادي گڏجاڻي هئي جنهن ۾ بار جي عهديدارن شرڪت ڪئي خبر نه هئي ته اتي هڪ پارٽيءَ جا 300 کان 350 وڪيل شرڪت ڪري ان گڏجاڻي کي سبوتاز ڪندا، اسان وڪيل جمهوريت جي هميشه ڳالهه ڪندا آهيون، جمهوريت جو اصول آهي ته ٻئي ماڻهو جي ڳالهه کي ٻڌو يا هليا وڃو ائين ناهي ته ڪنهن جي زبان جي تالابندي ڪيو، مون کين چيو ته جيڪڏهن توهان اسان کي هتي گڏجاڻي ڪرڻ نه ڏني ته اسين مورو هاءِ وي تي گڏجاڻي ڪنداسين، اسان هنن جي گهر ۾ مهمان ٿي آيا هئاسين ته توهان کي ائين نه ڪرڻ کپي ها. هن چيو ته هن وقت وڪيلن جو هڪ حصو حڪومت سان بيٺل آهي ۽ ٻيو حصو قانون جي بالادستي ۽ ڌرتي جي مسئلن لاءِ بيٺو آهي تنهن ڪري هاڻي دوريون اينديون، ڪراچي بار ۽ لاڙڪاڻو بار، ملير بار سميت ٻين ڪيترن ئي بارز کي فنڊ نه مليا، ان جو ڪارڻ اِهو آهي ته اهي بارز انهن جي ڪنٽرول ۾ ناهن. هن چيو ته اسان حڪومت کان مورو واقعي جي صاف ۽ شفاف جاچ جي گهر ڪئي آهي گهر وزير به جڊيشل ڪميشن جي حامي ڀري آهي پر اڃان تائين جڊيشل ڪميشن نه جُڙي آهي جيڪا ڪميشن جلد جڙڻ گهرجي، اسان 9 آگسٽ تي مورو مارچ جي سِري هيٺ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪنداسين جنهن ۾ سڄي سنڌ جا وڪيل شرڪت ڪندا. هن چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته 16 آگسٽ کان سنڌ هاءِ ڪورٽ کان وزيراعليٰ هائوس يا صوبائي اسيمبلي وڃي چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪنداسين، جن جماعتن ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ اسان جو ساٿ ڏنو انهن کي به چوان ٿو ته هو اسان جو ساٿ ڏين. هن چيو ته اسين سڀني شين سان منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ اڳتي به ڪندا رهنداسين، اسان ڪو به غيرقانوني نه پر قانوني ڳالهه پيا ڪيون، هي ڳالهيون 80 کان 90 سيڪڙو سنڌ جي ماڻهن جي دل جون ڳالهيون آهن، ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ،بدامني تي حڪومت کي سنجيدگي ڏيکارڻي پوندي،وڪيل اڳواڻ اطهر عباس سولنگي چيو ته سنڌ اسيمبلي آڏو احتجاج غور هيٺ آهي،ڪي بي لغاري چيو ته مورو واقعو ٻٻرلو واري تحريڪ تي دٻاءُ جي سازش هئي،ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ناهي،26هين ترميم،پيڪا ايڪٽ جهڙا تڪراري قانون آندا ويا آهن،ٻئي پاسي ڪنوينشن شروع ٿيڻ کان اڳ پيپلز پارٽي جي حمايت يافته پيپلز لائيرس فورم ۽ پيپلز پارٽي مخالف وڪيلن وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب بدنظمي پيدا ٿئي وئي جنهن ڪري هاءِ ڪورٽ بار لاڙڪاڻو جي جنرل سيڪريٽري آصف چانڊيو ۽ پيپلز لائيرس فورم ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر رياض سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ وڪيل ڪنوينشن جو بائيڪاٽ ڪري ڪجهه وڪيل بار روم ۾ ويهي رهيا. ان حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار لاڙڪاڻو جي جنرل سيڪريٽري آصف چانڊيو الزام لڳائيندي چيو ته بار جي صدر اطهر عباس سولنگي وڪيل ڪنوينشن بابت اسان کي اعتماد ۾ نه ورتو پر هن نوابشاهه ۾ ڪنوينشن جو اعلان ڪيو، رات اسان کي اطلاع مليو ۽ اڄ ڪنوينشن ۾ به پرائيوٽ ماڻهو ۽ لا جا نوان شاگرد جن جي داخلا به ناهي ٿي انهن کي ڪنوينشن ۾ ويهاريو ويو گڏوگڏ پيپلز پارٽي جي قيادت، گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صدر آصف علي زرداري جي خلاف ڳالهايو ويو ويو آهي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته اسان جي ٻڌي متاثر نه ٿئي تنهن ڪري اسان اهڙن عناصرن کي نظرانداز ڪندا آهيون، اسين نه ٿا چاهيون ته اسان جي ڪنهن دوست کي تڪليف پهچي، اسان کي گڏجي سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي.