ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو چيو آھي، ته ملڪ ۾ صدارتي نظام ۽ قومي حڪومت جون ڳالھيون غير جمھوري ۽ آئين خلاف آھن، ڇاڪاڻ ته جمھوريت جي ھوندي آئين ۾ صدارتي نظام ۽ قومي حڪومت جي ڪا به گنجائش ناھي. اھڙن خيالن جو اظھار ھن ڇنڇر ڏينھن صدر آصف علي زرداري جي 70 ھين ساگرھ جي موقعي تي کيس مبارڪباد ڏيندي ھڪ بيان ۾ ڪيو. ترجمان پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب ھن چيو ته آئين کي ٽوڙڻ بنا ملڪ ۾ صدارتي نظام لاڳو نٿو ٿي سگھي، ڇاڪاڻ ته 18 ھين ترميم ۾ آئين ٽوڙيندڙن کي آرٽيڪل 6 جو مرتڪب قرار ڏنو ويو آھي، ان لاءِ صدارتي نظام جون ڳالھيون ڪندڙ آئين جي ڀڃڪڙي ۽ آرٽيڪل 6 جا مرتڪب نه ٿين. ھن چيو ته قوم ماضي ۾ به مارشل لا ۽ صدارتي نظام کي رد ڪري چڪي آھي ۽ ھاڻي به ان ڳالهھ تي اتفاق راءِ موجود آھي، ته ملڪ ۾ جمھوري پارلياماني نظام جو تسلسل جاري رکيو وڃي. نثار کھڙو چيو ته صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي 18 ھين ترميم کي رول بيڪ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ديوار بڻجي بيٺل آھي ۽ 18 ترميم کي رول بيڪ ٿيڻ نه ڏنو ويندو. ھن چيو ته سڀني مسئلن جو حل جمھوريت ۽ پارليامينٽ جي تسلسل جاري رھڻ ۾ آھي ۽ جيڪڏھن سڀئي ادارا پنھنجي پنھنجي دائري اختيار ۾ رھي ڪم ڪندا، ته ملڪ ۾ جمھوريت وڌيڪ مضبوط ٿيندي. ھن چيو ته ملڪ وڌيڪ ڪنھن به غير آئيني تجربي جو متحمل نٿو ٿي سگھي، ڇاڪاڻ ته ڪنھن به غير آئيني عمل کان ڪمزور جمھوريت وڌيڪ بھتر آھي.