اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيیٰ آفريدي چيو آهي ته عدالتن جو نظام ٻن شفٽن ۾ هلائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته عدالتي معاملن ۾ هٿرادو ذهانت جي استعمال بابت به سوچي ويٺو آهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس يحيیٰ آفريدي چيو ته رولڙي جو شڪار ڪيس ماڊل عدالتن ذريعي ٻڌڻ لاءِ قدم کنيا پياوڃن، جنهن لاءِ جڊيشل اڪيڊمي ۾ عدالتي عملدارن کي تربيت ڏني وئي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ٻن شفٽن جو نظام لاڳو ٿيو ته ان سان عدالتي بئڪ لاگ (پينڊنگ ڪيسز) ۾ گهٽتائي ايندي ۽ عام ماڻهن کي فائدو پهچندو.هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ ماڊل ڪرمنل ٽرائل عدالتون قائم ڪرڻ لاءِ به ڪم جاري آهي، ۽ ڪيسز مقرر وقت اندر حل ٿيڻ گهرجن. قانوني ماهر روزانو جي بنياد تي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪري رهيا آهن.چيف جسٽس جو چوڻ هو ته هو آزاد، غير جانبدار ۽ ايماندار عدالتي عملدارن سان گڏ بيٺل آهي، ۽ سندس خواب آهي ته ماڻهو اعتماد سان انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ عدالتن ڏانهن اچن. هن وڌيڪ چيو ته عدليا ۾ اهڙا وڪيل آڻڻا پوندا، جيڪي پيشه ورانه مهارت رکن ٿا ۽ جن جي ڪا به سياسي وابستگي نه هجي.