ڪورنگي ۾ منشيات فروشن جو عوامي آواز رپورٽر تي حملو

ڪراچي(رپورٽر) ڪورنگي جي سينئر صحافي ۽ عوامي آواز جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر هدايت الله لاکو ۽ سندس صحافي دوستعرفان  مٿان گٽڪا مافيا جي غنڊن حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو، کين جناح اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، رپورٽر موجب ڪورنگي ۾ گٽڪا، ماوا، آئيس، چرس ۽ ٻين برائين خلاف خبرون هلائڻ تي منشيات فروشن اظهر عباسي، ولي، ارباز ، بلال شهروز ۽ سندس20  نامعلوم غنڊن رات جو  هوٽل تي ويٺل صحافين هدايت الله لاکو ۽ عرفان تي حملو ڪيو ۽ هٿيارن جي زور تي کين هوٽل تان کنڀي کڻي ويا ۽ سخت تشدد جو نشانو بڻايو پر غريب نواز چوڪي جي پوليس سندن ڪا مدد نه ڪئي، اطلاع تي ڊسٽرڪٽ ڪورنگي جي نئي صدر صفدر محمود آئين جي اڳواڻي ۾ صحافين ڪورنگي ٿاڻي پهچي ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي، صحافين آءِ جي سنڌ پوليس ۽ گهرو کاتي جي اعلي عملدارن، ايس ايس پي ڪورنگي، کان مطالبو ڪيو آهي ته صحافين تي حملو ڪندڙ منشيات فروشن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.