بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ جماعت اسلامي جو اسلام آباد طرف مارچ

لورالائي(م ڊ) جماعت اسلامي بلوچستان پاران صوبي جي مختلف مسئلن جي حل لاءِ ڪوئٽا کان اسلام آباد طرف نڪتل لانگ مارچ لورالائي پهچي ويو آهي، جنهن جي اڳواڻي صوبائي امير ۽ ايم پي اي مولانا هدايت الرحمان بلوچ ڪري رهيو آهي، سندس چوڻ آهي ته اسان اسلام آباد وڃي رهيا آهيون، اسان اسلام آباد ۾ بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ ڌرڻو ڏينداسين، وزيراعظم ۽ صدر جي اختيارن کان واقف آهيون، اسين پنهنجا مطالبا محسن نقوي آڏو پيش ڪنداسين، اسان کي پرامن رهڻو آهي ۽ آئين جي دائري اندر پنهنجا مطالبا پيش ڪنداسين، لانگ مارچ اڄ صبح ڊيره غازي خان لاءِ روانو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.