غزا(م ڊ) غزه ۾ اسرائيل جا بدترين ظلم جاري آهن ۽ خوراڪ جي کوٽ وارو بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري چڪو آهي، جتي هر پنجن مان هڪ ٻار خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهي، ۽ اهڙا ڪيس روز بروز وڌي رهيا آهن، گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن جي ايجنسي (اَنروا) پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته غزا ۾ ماڻهو نه ته مڪمل طور تي زنده آهن ۽ نه ئي مئل، هو هلندڙ ڦرندڙ لاش بڻجي ويا آهن، 100 کان وڌيڪ بين الاقوامي امدادي تنظيمن ۽ انساني حقن جي گروپن به وڏي پيماني تي ڏڪار تي مختلف حڪومتن کان فوري قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي آهي، گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته غزه ۾ امداد جي سطح انتهائي گهٽ آهي، هتي بک جو بحران اڳ ڪڏهن به ايترو شديد نه رهيو آهي، جيترو اڄ آهي، انروا جي ڪمشنر جنرل فلپ لازاريني چيو ته اڄ 100 کان وڌيڪ ماڻهو بک سبب شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ اڪثريت ٻارن جي آهي، اسان جي ٽيمن کي جيڪي به ٻار مليا، اهي انتهائي ڪمزور آهن، جيڪڏهن انهن جو فوري علاج نه ڪيو ويو ته انهن جي فوت ٿيڻ جو خطرو آهي، ٻي پاسي اسرائيل جو چوڻ آهي ته غزا ۾ ڪجهه ڏينهن اندر هوائي امداد جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي، هوڏانهن جرمني، فرانس ۽ برطانيا امدادي پابنديون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.