قائد عوام يونيورسٽي ۾ ڪرپشن جو وڌيڪ رڪارڊ طلب، ڊائريڪٽر فنانس جيل حوالي

نوابشاهه(رپورٽ: ممتاز خاصخيلي/ غلام نبي ڀنڀرو ) قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي نوابشاهه ۾ ڪروڙين رُپين جي مبينا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي انچارج ڊائريڪٽر فنانس قمرالدين شيخ کي ايف آئي اي نوابشاهه جي ٽيم جڊيشل مئجسٽريٽ-2 ريحان عبدالهادي ميمڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي قمرالدين شيخ پاران ايڊووڪيٽ علي رضا چنا ۽ ايف آئي اي طرفان ايڊووڪيٽ صنوبر هاشم عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت قمرالدين شيخ کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو، جاچ آفيسر سعيد چانڊيو موجب، جاچ جاري آهي، في الحال اهو ٻڌائڻ وقت کان اڳ ٿيندو ته ڪرپشن ڪيتري ٿي آهي، ڪجهه اهم ثبوت مليا آهن، جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اصل حقيقت عوام آڏو اچي ويندي، ذريعن مطابق، وفاقي جاچ ادارو ايف آءِ اي طرفان ڪرپشن ڪيس جي حوالي سان يونيورسٽي کان وڌيڪ رڪارڊ طلب ڪيو ويو، جنهن بعد يونيورسٽي انتظاميا ايف آءِ اي سان رابطي لاءِ رجسٽرار رضوان صديقي کي يونيورسٽي طرفان فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ ميڊيا پاران رجسٽرار رضوان صديقي ۽ چيف سيڪيورٽي آفيسر عطاءُ الله چانڊيو سان فون تي رابطو ٿيو، جنهن دوران ٻنهي اختيارين تصديق ڪئي ته يونيورسٽي هاڻي قانوني ادارن سان مڪمل سهڪار لاءِ تيار آهي، ياد رهي ته قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه ۾ مالي بدعنوانين، غير قانوني مقررين، غير شفاف ٽينڊرن ۽ بلن جي ادائگي بابت ڪيس جي جاچ ايف آءِ اي پاران ڪجهه مهينا اڳ شروع ڪئي وئي هئي، پر انتظاميا مسلسل خاموش هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.