زين شاهه جونيئر ذوالفقار سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ٽنڊو محمد خان/ مانجهند ( رپورٽ : اويس حيدر شورو+بابو عمراڻي)  سنڌ جي پيداواري اقتصادي معاشي وسيلن جي مالڪي لاءِ ڪنهن به سنڌ دشمن قوت کي سازش ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويندو ، اهڙو اظهار  سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراھ سيد زين شاھ ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي مخاطب ڪندي ڪيو ، هن چيو ته سنڌ جي ٻيٽن ، ڪارپوريٽ فارمنگ تي غيرملڪي ڪمپنين جي ڪرايل قبضن خلاف سنڌ جو عوام ڀرپور جدوجهد ڪندو ، سنڌو دريا تي سنڌو طاس معاهدي کي ختم ڪري ان جي لتاڙ ڪرڻ کانپوءِ سنڌو تي نوان ڊيم ۽ ڪئنال قائم ڪرڻ واري هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو،هن چيو ته ٻٻرولووارو ڌرڻو سنڌو دريا تي ڌاڙي خلاف عوامي رد عمل هو جنهن ۾ سنڌ حڪومت پنهنجي اقتدار جو ناجائز فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ڌرڻي کي يرغمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ وقت کان اڳ ڌرڻي کي ختم ڪرائي ڇڏيو هن چيو ته سنڌ مان پيدا ٿيندڙ بجلي گئس ، ڪوئلي جي رائيلٽي سنڌ کي نه ملي رهي آهي هن چيو ته  جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي مثبت سوچ آهي سندس مون تي ڪيل اعتماد تي ٿورائتو آهيان جنهن ۾ سنڌ جي حقن لاءِ اشوز تي جدوجهد ڪري سگهجي ٿي ، سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي هاڻي سجاڳي ڪرڻي پوندي ، ان موقعي تي ايس يو پي جو مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو ، جگديش آهوجا ، سيد بشير شاھ ، ايس يو پي ضلعي صدر عمران لغاري ، امتياز نوناري ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا، هوڏانهن سن ۾ ايس يو پي ضلع ڄامشورو طرفان ضلع ورڪر ڪنوينشن اجلاس سائين جي ايم سيد جي درياه واري بنگلي تي سيد زين شاه جي صدارت هيٺ ٿي گذريو  مرڪزي قيادت صدر سيد  زين شاه سينئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو نائب صدر سيد منير حيدر شاھ جنرل سيڪريٽري جگديش آهوجا محمد رمضان ٻرڙو امير علي ٿيٻو خدا بخش ٿيٻو  ميڊم ياسمين ٿيٻو ۽ ٻين جي قيادت م ڪارڪنن وڏي انگ گڏ ٿي سائين جي ايم سيد جي جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي اجلاس  ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي سيد زين شاه خطاب ڪندي چيو ته بااثر ويڪائو مال بنجي ڪروڙين ماڻهن کي پريشان ڪن ٿا انهن کي صالح ڪارڪنن کي بي اثر ڪرڻو پوندو ملڪ ۾ آئين جو تحفظ نه پيو ٿئي معدني وسيلا وڪرو ٿيڻ نه ڏينداسين ايس آ۽ ايف سي ملڪيتون ڦٻائڻ لاءِ26 ترميم ڪئي وئي هاڻي 18 ترميم کي ختم ڪيو ويو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.