حيدرآباد(پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته ملڪ جي ھڪ پاسي کي آباد ڪري، ٻي کي ويران ۽ ڀڙڀانگ ڇو ٿا ڪرڻ چاھيو؟ سڄي دنيا جا ماڻھو طويل دريائن تي گڏجي آباديون ڪن ٿا، اوھان اڪيلي سر ھڪ سڄو درياءُ ڇو ٿا روڪڻ ۽ چورائڻ چاھيو؟ اياز لطيف پليجي چيو ته اريگيشن کاتي کي مال غنيمت ڪري لٽيو ويو آھي. بئراجن جي صفائي، مرمت، بند مضبوط ڪرڻ، واھن، شاخن ۽ سم نالين جي کاٽي جي نالي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪري سنڌ جي دولت ٻاھرين ملڪن ڏانھن منتقل ڪئي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن جي ڪري سنڌ ترقي ۾ باقي صوبن کان پوئتي رھجي وئي آھي. قبيلائي جھيڙا ۽ بدامني ناسور بنجي ويا آھن.