اهم اڳواڻ طالبان کي ڪيترو ڀتو ڏيندو آهي؟ محسن نقوي

اسلام آباد(م ڊ) خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور پاران ڊرون استعمال نه ڪرڻ واري بيان کي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي رد ڪري ڇڏيو. خيبر  پختونخوا جي وزيراعليٰ جي بيان تي ردعمل ڏيندي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته دهشتگردن خلاف سمورن وسيلن جو استعمال ڪيو ويندو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ "ايڪس” تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ محسن نقوي وڌيڪ چيو ته دهشتگردن سان منهن ڏيڻ لاءِ ڪنهن به وسيلن کان پاسو نه ڪيو ويندو. وفاقي گهرو وزير، هڪ صوبي جي اهم عهديدار تي الزام لڳايو ته هو ڊيرا اسماعيل خان (ڊي آءِ خان) ۾ طالبان کي هر مهيني چندو ڏيندو آهي. هن سوال ڪيو ته هڪ اهم صوبائي عهديدار طالبان کي هر مهيني ڪيترا پئسا ڏيندو آهي؟ ياد رهي ته وزيراعليٰ ڪي پي علي امين گنڊاپور پشاور ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) کي خطاب ڪندي چيو هو ته صوبي ۾ ڪنهن به قسم جي "گڊ طالبان” لاءِ ڪا به جاءِ ناهي ۽ دهشتگردن خلاف هاڻ ڊرون استعمال نه ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.