ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي علائقي ڊيگاري ۾ غيرت جي نالي تي هڪ مرد ۽ عورت جي قتل واري ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي. پوليس مقتولڻ بانو بي بي جي ماءُ گل جان کي هڪ وڊيو بيان جاري ڪرڻ تي گرفتار ڪري ورتو آهي. گل جان وڊيو بيان ۾ قتل کي بلوچي رواجن مطابق "سزا” قرار ڏيندي ان جي حمايت ڪئي هئي. پوليس موجب، گل جان کي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت (اي ٽي سي) ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو. گل جان تي الزام آهي ته سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو ۾ قتل جي حمايت ڪئي ۽ گرفتار ماڻهن کي بيگناهه قرار ڏنو. پوليس جو چوڻ آهي ته اهو بيان ٻنهي قتلن جي حمايت ۽ انصاف جي عمل تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش آهي. گل جان پنهنجي وڊيو بيان ۾ دعويٰ ڪئي ته سندس ڌيءَ بانو بي بي کي هڪ ڇوڪر سان تعلقن سبب بلوچي جرڳي جي فيصلي تحت قتل ڪيو ويو. بهرحال، پوليس موجب ٻنهي قتلن ۾ ملوث مک جوابدار جلال اڃا تائين فرار آهي، ۽ سندس تلاش جاري آهي.