ڪراچي(رپورٽ: آزاد لال حسين) سنڌ جي گھرو کاتي پاران آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي رٽائرمينٽ کي مدنظر رکندي نئين آءِ جي جي مقرري لاءِ سنڌ جي پنج سينيئر پوليس آفيسرن جا نالا وفاق کي اماڻي ڇڏيا، گھرو کاتي پاران وفاق کي اماڻيل نالن ۾ موجوده ايڊيشنل آئي جي جاويد عالم اوڍو، ڊي آءِ جي پير محمد شاھ، ڪيپٽن رٽائرڊ فيصل عبدالله چاچڙ، ناصر آفتاب ۽ پرويز احمد چانڊيو شامل آھن، جاري ڪيل ليٽر ۾ ڄاڻايو ته موجوده آئي جي رٽائرمينٽ کي ڪجھ مھينا باقي آھن تنھن ڪري سنڌ حڪومت فيصلو ڪري پنج پوليس آفيسرن جا نالا وفاق کي ڏنا آھن ته جيئن ھڪ آفيسر کي آءِ جي سنڌ پوليس مقرر ڪيو ويو آھي، گھرو کاتي پاران وفاق کي موڪليل نالن جا نوٽيفڪيشن پڻ پڌرو ڪيو ويو آھي.