خيرپور/سکر(نمائندن وٽان) سنڌو ۾ چاڙهه سبب ڪچي جا ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا. گڊو سکر بئراج وٽ وهڪرن ۾ واڌ اچڻ کانپوءِ سکر ۽ خيرپور جا ڪيترائي ڪچي جا علائقا پاڻي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن. خيرپور ڪچي واري علائقن ۾ ڳوٺ سکيو خان جتوئي، گنور ڳوٺ، موري، پريالوء،ڪوٽ مير محمد، فيض محمد ٻنڊو، ڳوٺ صادق ڪلھوڙو، ڪيٽي ممتاز، ڪيٽي کهڙا، ڪيٽي پاڳارا، ڪيٽي گھمرا، دوسو جا دڙا سميت ٻيا ڪيترائي علائقا درياهه جي تيز وھڪري ۾ اچي ويا آهن،ڪچي ۾ رھندڙ سوين خاندان پڻ بچاءُ بند طرف شروع ٿي ويا آھن جڏھن ته ضلعي انتظاميه طرفان ھينئر تائين سندن ڪابه مدد نه ڪئي وئي آهي ۽ علائقي واسي پنھنجي مدد پاڻ تحت ٻيڙيون ذريعي ٻار ٻچا مال متاع ۽ ٻيو سامان بچاء بند ڏانھن منتقل ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا آھن، حڪومت يا انتظاميا پاران ڪو قدم نه کنيو ويو آهي. آبپاشي کاتي جي ھڪ ذميوار آفيسر ٻڌايو ته ضلعي انتظاميه توڙي آبپاشي عملدار ڪچي جي ماڻھن جي مدد لاءِ آيل بجيٽ ھڙپ ڪرڻ جي چڪرن ۾ لڳي ويا آھن. وڳي تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 3 لک 51 ھزار 300 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 3 لک 51 ھزار 400 ڪيوسڪ، ڪابل نديءَ جا وھڪرا 46 ھزار 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيا ويا، ڪالاباغ بئراج تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4 لک 26 ھزار 727 ڪيوسڪ هيٺاهون وهڪرو 4 لک 20 ھزار 650 ڪيوسڪ، چشما بئراج جو مٿانهون وهڪرو 4 لک 4 ھزار 926 ڪيوسڪ، ھيٺاھون وھڪرو 3 لک 95 ھزار 980 ڪيوسڪ،تونسا بئراج تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 60 ھزار 64 ڪيوسڪ ۽ ھيٺاھون وھڪرو 3 لک 53 ھزار 464 ڪيوسڪ پنجند بئراج تي مٿانهون وهڪرو 46 ھزار 240 ڪيوسڪ ۽ ھيٺاھون وھڪرو 31 ھزار 980 ڪيوسڪ گڊو بئراج تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 53 ھزار 432 ڪيوسڪ رڪارڊ ھيٺاھون وھڪرو 3 لک 16ھزار 825 ڪيوسڪ سکر بئراج تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 86 ھزار 910 ڪيوسڪ ھيٺاھون وھڪرو 2 لک 3 ھزار 50 ڪيوسڪ ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 63 ھزار 550 ڪيوسڪ ھيٺاھون وھڪرو 1 لک 22 ھزار 285 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آھي.