شاهه محمود کي پي ٽي آءِ جي سربراهي ڏيڻ جي ترديد

راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا شاهه محمود کي پارٽي سربراهي ڏيڻ بابت خبرن جي  ترديد ڪري ڇڏي، اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته اسان صبح 10 وڳي جيل وياسين پر اندر وڃڻ جي اجازت نه ملي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪم آهن ته فيملي ۽ وڪيل ٻڌڻي ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، آئين جي گهرج آهي ته ٽرائل اوپن هجي، پر اندر ٽرائل ٿي رهيو آهي ۽ وڪيلن کي ٻاهر ويهاريو ويو آهي، آئين جا بکيا اڊيڙيا پيا وڃن.، بند ڪمري ۾ ٽرائل آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي، هي ٽرائل ڪالعدم قرار ڏنو وڃي،  هن چيو ته شاهه محمود قريشي خلاف اڃا 8 کان 9 ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن ۽ هو وڌيڪ 8 ڪيسن ۾ گرفتار آهي، پارٽي جو ليڊر عمران خان آهي، شاهه محمود قريشي نه، اها غلط ڳالهه ۽ واويلا آهي ته شاهه محمود پارٽي ليڊ کي ڪرڻ وارو آهي، باقي سندس عهدو برقرار آهي.

  • مستونگ ۾ 3 دهشت گرد مارجي ويا، ميجر ۽ سپاهي شهيد

راولپنڊي (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران فتنه الهندستان جا ٽي دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر زيد سليم ۽ سپاهي نظم  حسين شهيد ٿي ويا، انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) مطابق، سيڪيورٽي فورسز ضلعي مستونگ ۾ ڀارت جي سرپرستي هيٺ سرگرم دهشتگرد تنظيم جي موجودگي بابت ڄاڻ تي هڪ انٽيلجنس بنياد تي آپريشن ڪيو، ان دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو ۽ آپريشن دوران ٽي دهشتگرد مارجي ويا، ان دوران فائرنگ ۾ ميجر زيد سليم اول (عمر 31 سال، واسطيدار خوشاب) جيڪو فرنٽ لائين تان پنهنجي دستي جي اڳواڻي ڪري رهيو هو، ان سان گڏ سپاهي نظم حسين (عمر 22 سال، واسطيدار جهلم) پڻ شهيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر مطابق، علائقي ۾ ممڪن آهي ته ڀارتي سرپرستي هيٺ سرگرم ٻين دهشتگردن جي موجودگي هجي، تنهنڪري ڪليئرنس ۽ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي، پاڪ فوج ملڪ مان ڀارتي سرپرست دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، اسان جي بهادر سپوتن جون هي عظيم قربانيون اسان جي هن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.