جسم جي ٻي دل، جيڪا پنڌ ڪرڻ کانسواءِ ناهي هلندي

ڇا توهان ڪڏهن جسم ۾ ٻي دل جي باري ۾ ٻڌو آهي؟ جيڪڏهن نه ته اڄ اسان اوهانکي ٻڌائينداسين.

اها ته سڀني کي خبر آهي ۽  ماهر به ٻڌائيندا رهندا آهن ته پنڌ ڪرڻ گڏيل صحت لاءِ انتهائي فائديمند ثابت ٿيندو آهي، پنڌ ڪرڻ سان سيني ۾ موجود دل جي صحت بهتر رهندي آهي، پر پنڌ ڪرڻ جو اصل ۽ هڪ ٻيو وڏو ڪم يا فائدو به آهي جنهن بابت گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي.

اها آهي انسان جي جسم ۾ موجود ٻي دل جو ڪم ڪرڻ.

اها حقيقت آهي ته جيڪا دل اسانجي ڇاتي ۾ ڌڙڪندي آهي جسم ۾ رڳو اها هڪ ئي دل موجود ناهي هوندي پر حقيقت ۾ ڄنگهن جي پنين ۾ به هڪ عضوو (Soleus) موجود آهي جنهن کي ماهر انسان جي جسم جي ٻي دل سڏن ٿا.

اهم ڳالهه اها آهي ته اهو عضوو، هلڻ، بيهڻ يا پيرن کي حرڪت ڏيڻ سان سرگرم ٿيندو آهي ۽ جسم جي هيٺين حصي مان رت کي مٿي مطلب سيني ۾ موجود دل ڏانهن ڌڪيندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته رت جي بهتر وهڪرن لاءِ گهمڻ انتهائي ضروري آهي.

جيڪڏهن هي عضوو ڪمزور ٿي وڃي ته رت پنين ۾ بيهجي سگهي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ پيرن ۾ سوڄ به ٿيندي آهي، عام طور تي گهڻي ٿڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي ۽ انسان کي ڳري وڃڻ جو احساس ٿيڻ لڳندو آهي. خاص طور تي اهي ماڻهو، جيڪي گهڻو وقت ويهي ڪم ڪن ٿا، انهن لاءِ اها صورتحال وڌيڪ نقصانڪار ٿي سگهي ٿي.

انهيءَ ڪري، جيڪڏهن توهان پنهنجي اصلي دل ۽ “ٻي دل” ٻنهي کي صحتمند رکڻ چاهيو ٿا ته هلڻ ڦرڻ کي پنهنجين عادتن ۾ شامل ڪريو. روزانو واڪ ڪريو، يا گهٽ ۾ گهٽ هر ڪلاڪ کانپوءِ ڪجهه منٽن لاءِ بيهي پوءِ هلڻ شروع ڪريو. سوليس عضووي کي مضبوط ڪرڻ سان نه رڳو رت جي رواني بهتر ٿيندي، پر توهان جي گڏيل صحت به بهتر رهندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.