اسرائيلي حملي ۾ ڳورهاري فلسطيني صحافڻ مڙس ۽ ٻارن سميت شهيد

غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي فضائي حملي ۾ ڳورهاري فلسطيني صحافڻ والا الجباري غزا ۾ پنهنجي گهر ۾ مڙس ۽ چئن ٻارن سميت شهيد ٿي وئي.
ان واقعي کي انساني حقن ۽ صحافتي تنظيمن غزا ۾ صحافين کي منظم طريقي سان نشانو بڻائڻ جي هڪ سلسلي طور بيان ڪيو آهي.
صحافين جي عالمي فيڊريشن اسرائيل کان ميڊيا ڪارڪنن جو قتل روڪڻ ۽ عالمي رپورٽرز کي ان علائقي تائين پهچ جي اجازت ڏيڻ جي مطالبي کي ورجايو آهي.
ڪميٽي ٽو پروٽيسٽ جرنلسٽس موجب اسرائيلي جارحيت شروع ٿيڻ کان وٺي هيل تائين 180 کان وڌيڪ صحافي، تقريبن سمورا فلسطيني غزا ۾ مارجي چڪا آهن، جڏهن ته ٻين تنظيمن جو اندازو آهي ته مارجي ويلن جو انگ 231 تائين آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.