ليجنڊ ريسلر هلڪ هوگن لاڏاڻو ڪري ويو

فلوريڊا (ويب ڊيسڪ) ليجنڊ آمريڪي ريسلر هلڪ هوگن 71 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ريسلر هلڪ هوگن کي فلوريڊا ۾ گهر ۾ دل جو دورو پيو، جنهن سبب سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو.
هلڪ هوگن ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ڊبليو ڊبليو اي تي راڄ ڪيو، سندس اصل نالو ٽيري جين بوليا هو، هن 1977۾ ريسلنگ ڪيريئر شروع ڪيو ۽ 1980 ۾ ڊبليو ڊبليو اي جو سپر اسٽار بڻجي ويو.
ليجنڊ ريسلر 5 ڀيرا ڊبليو ڊبليو ايف چيمپيئن شپ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو، ريسلنگ کانسواءِ هن فلمن ۽ ٽي وي ۾ به ڪم ڪيو.
هوگن جو شمار ريسلنگ جي سڀ کان وڏن ستارن ۾ ٿيندو آهي ۽ هو سڄي دنيا ۾ ريسلنگ جي مداحن جو هيرو رهيو آهي.
ڊبليو ڊبليو اي انتظاميا طرفان هوگن جي لاڏاڻي تي گهر ڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.