ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ ۾ بنگلاديش کي 74 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
پاڪستان جي 179 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي سموري بنگلاديشي ٽيم 104 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
بنگلاديش جي محمد سيف الدين 35 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪور رهيو.
پاڪستان جي سلمان مرزا 3، فهيم اشرف ۽ محمد نواز 2-2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته سلمان علي آغا، احمد دانيال ۽ حسين طلعت جي حصي ۾ هڪ، هڪ وڪيٽ آئي.
ميرپور جي شيرِ بنگلا نيشنل اسٽيڊيم۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو غلط ثابت ٿيو.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنسون ٺاهيون.
ميچ ۾ فخر زمان جي جاءِ تي پاڪستاني ٽيم ۾ شامل ڪيل اوپنر صاحبزادا فرحان سڀ کان وڌيڪ 63 رنسون ٺاهيون، حسن نواز 33، محمد نواز 27 ۽ صائم ايوب 21 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
بنگلاديش جي تسڪين احمد 3، نسيم احمد 2 وڪيٽون ورتيون.
واضح رهي ته بنگلاديش شروعاتي ٻئي ميچون کٽي سيريز ۾ فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي هئي.