ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پنجابي گلوڪار دلجيت دوسانجهه به پاڪستاني گلوڪار سجاد علي جو مداح نڪتو.
دلجيت دوسانجهه سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن جي بيڪ گرائونڊ ۾ هن سجاد علي جو گانو ”راوي“ لڳايو آهي.
واهپيدار پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ کانپوءِ دلجيت جي ان عمل کي تمام گهڻو ساراهيو.
واضح رهي ته دلجيت دوسانجهه فلم ”سردار جي 3“ ۾ پاڪستاني اداڪارا هاميا عامر سان گڏ ڪم ڪرڻ کانپوءِ ڀارت ۾ تڪرار جو شڪار آهي.
You might also like