صحت جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ننڍي عمر جا ٻار وڏين بيمارين جهڙوڪ گردن جي ناڪامي، رت جي بيمارين، ٿيليسيميا ۽ مسلسل انفيڪشنز جو تيزيءَ سان شڪار بڻجي رهيا آهن. انهن بيمارين جو وڏو سبب غير صحتمند خوراڪ آهي، جيڪا هاڻ روزاني جي عادت بڻجي وئي آهي.
نقصانڪار شيون، جن کان ٻارن کي بچايو:
چپس، فنگر فرائيز
- گهڻو لوڻ: بلڊ پريشر ۽ گردن لاءِ نقصانڪار
- خراب تيل: دل جي بيماريون ۽ ٿولهه
- تيز گرميءَ تي تيار ٿيڻ سبب زهريلا ڪيميڪل پيدا ٿين ٿا
- غير صحتمند مادن ۽ طريقن سان تيار ٿين ٿا
دٻي وارا جوس
- گهڻي کنڊ: ذيابطيس، ٿولهه، ۽ ڏندن جون بيماريون
- هٿرادو رنگ ۽ ذائقو: ڌيان جي کوٽ، چڙچڙو مزاج، ۽ الرجڪ رد عمل
- غذائي فائدن کان خالي، زيرو ڪيلوريز
والدين لاءِ احتياطي قدم:
ٻارن کي گھٽ ۾ گھٽ چپس، فرائيز ۽ دٻي وارا جوس ڏيو
گهر ۾ تيار ڪيل خوراڪ کي ترجيح ڏيو
ميون، سبزين، پاڻي، ۽ تازو جوس عادت بڻايو
اسڪول لاءِ هيلدي لنچ تيار ڪيو – جهڙوڪ فروٽ، اُٻاريل انڊو، سينڊوچ يا مٺي مٺاڻ جي بدران سادي خوراڪ
ٽي وي اشتهارن يا هم عمرن جي دٻاءَ ۾ اچي غير صحتمند ۽ خراب خوراڪ نه ڏيو
والدين کي ياد رکڻ گهرجي:
"صحت رڳو جسماني طاقت ناهي، پر اهو مستقبل جي ضمانت آهي. ٻارن کي جيڪو اڄ کارايو ٿا، اهو ئي سڀاڻي سندن زندگيءَ جو رخ طئي ڪندو.”