بلوچستان ۾ جوڙي جي قتل خلاف سينيٽ ۾ ٺهراءُ منظور، جي يو آءِ جي مخالفت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ بلوچستان ۾ جرڳي جي حڪم تي مرد ۽ عورت جي قتل خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، جنهن جي جي يو آءِ کانسواءِ سڀني حمايت ڪئي.
سينيٽ اجلاس ۾ بلوچستان ۾ شادي شدا جوڙي جي سرعام قتل تي پ پ سينيٽر شيري رحمان ٺهراءُ پيش ڪيو.
ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو ته ايوان بلوچستان ۾ غيرت جي نالي تي ٿيندڙ ٻٽي قتل جي مذمت ڪري ٿو، جرڳي ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزا ڏني وڃي.
ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته اهڙي قسم جي ڏوهن جي روڪٿام ٿيڻ گهرجي، قانون ۽ آئين موجب سڀني شهرين جي حفاظت جي ذميوار رياست آهي.
سينيٽ ٺهراءُ گڏيل طور منظور ڪري ورتو، جڏهن ته جي يو آءِ ان ٺهراءَ جي حمايت نه ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.