ڪميشن پاس ڪرڻ کانپوءِ سکر ۽ گهوٽڪي جا ڊي سي پريشان، 15 ڏينهن اندر وفاق وٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر) ڪميشن پاس ڪرڻ کانپوء  ڊي سي سکر ۽ ڊي سي گهوٽڪي پريشان ٿي ويا٠  اسٽيبلشمنٽ ڊويزن سکر۽ گهوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنرن کي 15 ڏينهن اندر وفاق کي رپورٽ ڪرڻ جون هدايتون، ٻنهي آفيسرن پوسٽنگ بچائڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڇڏي ، ٻنهي ڊپٽي ڪمشنرن سيڪريٽري اسٽيبلشمنٽ ڊويزن انعام ﷲ خان ڌاريجو کي پارت سندس ڀاءَ صوبائي وزير اڪرام ﷲ ڌرايجو کي منٿون ڪرڻ لڳا. خبر موجب سکر جي ڊپٽي ڪمشنر ايم بي راجا ڌاريجو ۽ گهوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر سيد محمد علي زيدي وفاقي پاليسي تحت فيڊرل پبلڪ سروس جو امتحان پاس ڪيو هو جنهن تحت ٻنهي صوبائي سروس جي آفيسرن کي اسٽيبلشمنٽ ڊويزن اسلام آباد  وفاقي ۾ خدمتون ادا  ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي اهڙو نوٽيفڪيشن ملڻ بعد سکر ۽ گهوٽڪي جا ٻئي ڊپٽي ڪمشنر ٻڏتر جو شڪار ٿي ويا آهن، ذريعن عوامي آواز کي ٻڌايو آھي  ته  ٻنهي عملدارن پنهنجي موجوده جڳھ بچائڻ لاءِ وڏي پئماني تي ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڏني آهي  سکر جي ڊپٽي ڪمشنر ايم بي راجا ڌاريجي ۽ گهوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر سيد محمد علي پاران سيڪريٽري اسٽيبلشمنٽ انعام  ﷲ خان ڌاريجو جي ڀاءَ صوبائي وزير اڪرام ﷲ خان ڌاريجو سان بار بار رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن  ۽  منٿون ڪرائي رهيا آهن ته انعام ﷲ خان ڌاريجو کي پارت ڪئي وڃي ته جيئن في الحال هو ڊپٽي ڪمشنر واري جاء  تي برقرار رهي سگهن. ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪريٽري اسٽيبلشمنٽ کين ڪنهن به قسم جي رعايت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ڇو ته پاليسي موجب جيڪي صوبائي سروس جا آفيسر فيڊرل پبلڪ سروس تحت وفاقي سروس ۾ پهچن ٿا ته انهن کي شروعاتي طور تي لازمي طور وفاق ۾ مقرر ڪيو ويندو ۽  بعد ۾ وري انهن جون خدمتون ساڳئي صوبي حوالي ڪري سگهجن ٿيون ان مرحلي ۾  سکر ۽ گهوٽڪي جا ڊپٽي ڪمشنر سخت پريشاني جا شڪار ٿي ويا آهن ڇوته اھي ٻٸی تازو نئون مالي سال شروع ٿيڻ بعد پوسٽنگ وڃائڻ نه ٿا چاهين٠ ذريعن جو چوڻ آھي ته سنڌ سرڪار پاران وفاقي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي خط پڻ لکيو ويو آهي ته وفاقي امتحان پاس ڪندڙ صوبائي سروسز جي آفيسرن جون خدمتون واپس سنڌ حڪومت حوالي ڪيون وڃن..

وفاق ۾ مقرري بعد ٻنهي ڊپٽي ڪمشنرن کي سنڌ حڪومت کان ڌارٿيڻو پوندو

 ڪراچي :  اڳوڻي سيڪريٽري اطلاعات صفدر علي شاه عوامي کي ٻڌايو ته وفاق ۾ مقرري بعد ٻنهي ڊپٽي ڪمشنرن کي سنڌ حڪومت کان الڳ ٿيڻو پوندو، جڏهن الڳ ٿيندا ته سندن پوسٽنگ هلي ويندي.ٻيهر پوسٽنگ لاءِ وفاقي اسٽيبلشمنٽ ڊويزن سندن خدمتون صوبائي حڪومت حوالي ڪندي جنهن بعد صوبائي حڪومت ڄاڻايل آفيسرن جي پوسٽنگ ڪندي جيڪو  ڊگهو عمل آهي، ائين ممڪن ناهي جو ٻئي آفيسر وفاق ۾ جوائن ڪن ۽ سنڌ ۾ سندن پوسٽنگ به برقرار رهي، باقي ائين ممڪن ٿي سگهي ٿو جو سنڌ حڪومت ٻنهي آفيسرن جي جاء تي ڪنهن کي عارضي طور ايڊيشنل چارج ڏي ۽ بعد ۾ ساڳيا آفيسر مقرر ڪري ساڳين عملدارن کي اهڙا موقعا گهٽ ملن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.