فلسطين تي اسرائيلي قبضو امن لاءِ نقصانڪار آهي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) غزا ۾ بک وگهي معصوم ٻارڙن جي فوتگي تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، حسين سومرو ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته عالمي سامراجي قوتون مظلوم قومن جي نسل ڪشي ڪري رهيون آهن، فلسطينين مٿان آمريڪي ۽ اسرائيلي سامراج جا ظلم سرمائيداري نظام جو وهشپڻو آهن،آزاد فلسطيني رياست جو حق تسليم ڪري فلسطينين کي پنهنجي ڌرتي واپس ڪئي وڃي، فلسطين مٿان اسرائيلي قبضو دنيا جي امن لاءِ نقصانڪار آهي، اڳواڻن چيو ته فلسطين جيان سنڌ سميت پاڪستان جي وسيلن تي به آمريڪا جي ميري اک آهي، ايس آءِ ايف سي جو قيام سنڌين کان پنهنجي ڌرتي ۽ درياهه کسڻ جي سازش آهي، ايس آءِ ايف سي تحت گلگلت بلتستان، سرائيڪي وسيب سميت سنڌ ۽ بلوچستان ۾ قبضاگيري ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته سنڌين جي زمينن ۽ پاڻي تي قبضو ڪري سنڌين جي به فلسطينين جيان نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا ملڪ جي ڪروڙين هارين ۽ پورهيتن جي نسل ڪشي جا منصوبا آهن، ٻي پاسي بلوچستان جي نياڻي بانو بلوچ جي قاتلن جي حمايت ۾ بلوچستان جي وڏي وزير طرفان هلندڙ مهم جي مذمت ڪندي اڳواڻن چيو ته سرفراز بگٽي بلوچستان ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ نااهل ثابت ٿي چڪو آهي، هو فوري طوري استعيفا ڏئي، ان سان گڏ بانو بلوچ جي قاتلن جي سرپرستي جي ڏوهه ۾ کيس بانو بلوچ جي قتل جي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.