سوات جي مدرسي ۾استاد جي وحشياڻي تشدد ۾ زخمي ٿيل شاگرد فوت

سوات(م ڊ)سوات ۾ مدرسي ۾ موڪل ڪرڻ تي استاد جي وحشياڻي تشدد سبب 14 ورهين جو شاگرد فرحان فوت ٿي ويو، پوليس 2 جوابدارن سميت 11 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته مرڪزي جوابدار مهتمم جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن،سوات جي تعلقي خوازه خيل جي ڳوٺ چاليار ۾ ٽي ڏينهن اڳ هي دردناڪ واقعو پيش آيو، جتي مدين سان واسطو رکندڙ 14 ورهين جو فرحان گذريل ٽن سالن کان مدرسي ۾ پڙهندوهو، بدقسمتي سان هڪ ڏينهن جي موڪل سندس زندگي کسي ورتي، مدرسي جي مهتمم پنهنجي پٽ ۽ هڪ استاد سان گڏجي کيس لڳاتار پنج ڪلاڪ تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ هو فوت ٿي ويو، پوليس طرفان ڪيس داخل ڪري تشدد ۾ ملوث ٻن استادن سميت 11 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مرڪزي جوابدار جي گرفتاري لاءِ آپريشن جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.