پشاور(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام ،ن ليگ، پيپلزپارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي خيبرپختونخوا حڪومت جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، اي اين پي جي صوبائي صدر ميان افتخار چيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس پي ٽي آءِ نه پر حڪومت طرفان سڏائي وئي آهي، جڏهن سڀ فيصلا اڳ ۾ ئي ٿي چڪا آهن ته پوءِ اي پي سي جي ضرورت ناهي، انڪري اسان شرڪت نه ڪنداسين، جي يو آءِ جي ترجمان به چيو ته سندن جماعت تحريڪ انصاف جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شامل نه ٿيندي، پيپلزپارٽي جي صوبائي صدر محمد علي شاهه باچا چيو ته صوبائي حڪومت غير سنجيده آهي ۽ اي پي سي صرف ڏيکاءُ آهي، تنهنڪري پيپلزپارٽي به شرڪت نه ڪندي.