اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پنجاب سميت ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي،وڌيڪ 10 ڄڻا فوت،لڙهي ويل ڪرنل ۽ ڌيءَ جا لاش نه مليا، ديامير ۾ ڪلائوڊ برسٽ ٿيڻ سبب تباهي،لڙهي ويل 15 سياحن جا لاش 2 ڏينهن گذرڻ باوجود هٿ نه اچي سگهيا،ديامر ۽ استور ۾ برسات سبب ڦاٿل 250 کان وڌيڪ سياحن کي پاڪ فوج،ريسڪيو محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو، ديامر ۾ ڪلائوڊ برسٽ کان پوءِ وڏي تباهي ڏسڻ ۾ آئي آهي، جتي ٻوڏ جي ريلن ۾ وهنجڻ سبب 15 سياح اڃا تائين لاپتا آهن، جڏهن ته ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود انتظاميا کي سندن ڳولا ۾ ڪا ڪاميابي نه ملي آهي، هن صورتحال ۾ شاهراهه بابوسر سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي آهي، جتي اٺ ڪلوميٽر تائين علائقو مڪمل تباهه ٿي چڪو آهي، جڏهن ته شاهراهه قراقرم به ڪيترن هنڌن تي ٻيهر بند ٿي وئي آهي۔ هزارين سياح مختلف علائقن ۾ ڦاٿل آهن ۽ رستن جي بحالي جو ڪم جاري آهي۔ غذر، استور ۽ ٿور وادين ۾ به ٻوڏ سبب ڪيترن ئي گهرن ۽ فصلن کي شديد نقصان پهتو آهي، گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان فيض الله فراق مطابق، 10 کان 15 سياحن جي لاپتا هجڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي۔ وزيراعليٰ گلگت بلتستان جي هدايت تي ريسڪيو، ضلعي انتظاميا، پوليس، مقامي رضاڪارن ۽ پاڪ فوج جي مدد سان گڏيل سرچ آپريشن جاري آهي، جيڪو لاپتا ماڻهن جي ملي وڃڻ تائين هلندو رهندو،نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي موجب ملڪ ۾ حالين تيز برساتن دوران مختلف حادثن سبب فوتگين جو مجموعي انگ 252 ٿي ويو آهي، فوت ٿيندڙن ۾ 121 ٻارڙا، 85 مرد ۽ 46 عورتون شامل آهن،رپورٽ مطابق رڳو گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 10 ماڻهو جان وڃائي ويٺا، جڏهن ته 13 ڄڻا زخمي ٿيا،اين ڊي ايم اي جي تفصيلي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 26 جون کان 23 جولاءِ تائين سموري ملڪ ۾ 252 ماڻهو فوت ٿيا ۽ 611 زخمي ٿيا،انساني نقصان ۾ سڀ کان وڌيڪ پنجاب متاثر ٿيو، جتي 139 ماڻهو فوت ٿيا ۽ 477 زخمي ٿيا، خيبرپختونخوا ۾ 60 فوتگيون ۽ 74 زخمي، سنڌ ۾ 24 فوتگيون ۽ 40 زخمي، جڏهن ته بلوچستان ۾ 16 فوتگيون ۽ 4 زخمي رپورٽ ٿيا،آزاد ڪشمير ۾ 2 ۽ اسلام آباد ۾ 6 فوتگيون ٿيون، مالي نقصان ۾ لڳ ڀڳ 1005 گهر تباهه، 328 مال جا ڍور ٻوڏ ۾ وهجي ويا ۽ 12 پلن کي نقصان پهتو، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ رات کان جاري برساتن سبب ناله لئي ۾ پاڻي جي سطح خطري واري حد تائين وڌي وئي آهي۔ راولپنڊي جي برساتي نالن ۾ وهجي ويل پيءُ ۽ نياڻي جي تلاش لاءِ ريسڪيو ٽيمون الرٽ تي آهن، پنجاب جي مختلف شهرن، ليه، ڪماليه، ميانوالي، فاروق آباد، خانيوال، ساهيوال، ميان چنڻ، شورڪوٽ، لاليان ۽ ڀوانه ۾ تيز برسات سبب روڊ، گهريون ۽ محلن ۾ پاڻي ڀرجي ويو۔ ڪيترن علائقن ۾ بجلي جا فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب فراهمي معطل ٿي وئي، جنهن ڪري ماڻهن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو،