ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي کي حراسان ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت پاران ڌرين کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مهلت ڏني وئي، جڏهن ته درخواست تي ٻڌڻي 13 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي،درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته فردوس شميم نقوي خلاف داخل ڪيل سڀني ڪيسن ۽ جاچن جي تفصيل عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي، درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته درخواستگذار جي طبيعت ناساز آهي ۽ هو ڪينسر جو مريض آهي، تنهن ڪري کيس وڊيو لنڪ ذريعي جاچ اداري اڳيان پيش ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي.درخواست ۾ وفاقي حڪومت، آءِ جي سنڌ، ۽ ايف آءِ اي کي ڌر بڻايو ويو آهي.
-
جڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽي جي حوالي سان ايس او پي ٺاهڻ اسانجو اختيار آهي:هاءِ ڪورٽ
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جنيد غفار تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گرفتار جوابدار کي عدالت ۾ ويڊيو لنڪ جي ذريعي پيش ڪرڻ جي خلاف درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي چيو ته هاءِ ڪورٽ کي نيشنل جڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽي جي حوالي سان ايس او پيٺاهڻ جو اختيار آهي، هاءِ ڪورٽ هن حوالي سان ٽرائل ڪورٽس کي هدايتون جاري ڪيون آهن، ٽرائل ڪورٽ کان رجوع ڪيو وڃي، ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي، انتظامي آرڊر جي رٽ درخواست جي ذريعي چئلينچ نٿي ڪري سگهي، ان ڪري درخواست ٻڌڻي جي قابل نه آهي رد ڪئي ٿي وڃي.
-
ڪي ايم سي پاران پارڪس پرائيويٽ ماڻهن کي ڏيڻ وارو مامرو، عدالت پاران جواب طلب
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪي ايم سي پاران پارڪس کي پرائيويٽ ماڻهن کي ڏيڻ جي خلاف مخالف ڌر جي ليڊ سٽي ڪائونسل سيف الدين سميت ٻين جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڌرين کان تفصيلي جواب طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 7آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏيهي، عدالت ڊي جي پارڪس کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو آهي، عدالت وڌيڪ پارڪس کي پرائيويٽ ماڻهن کي ڏيڻ تي اسٽي آرڊ جاري ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي آهي.