ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ ملازمن تي پوليس ڪڙڪي پئي، ڪيترائي گرفتار

ڪراچي(رپورٽ: آزاد لال حسين) پوليس ڪراچي پريس ڪلب ٻاھريان ڪيترن ئي ڏينھن تائين احتجاج ڪندڙ پوليس کاتي ۾ سپاھي ۽ تعليم کاتي ۾ استادن جي نوڪرين لاءِ ٽيسٽ پاس اميدوارن جي احتجاجي ڪئمپن تي ڪاهه ڪري پٽي مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف پوليس وزيراعليٰ ھائوس آڏو سرڪاري ملازمن جي رٿيل احتجاج کي ناڪام ڪرڻ لاءِ پريس ڪلب طرف ايندڙ ويندڙ رستن کي چئني طرفن کان رڪاوٽون وجھي بند ڪري ڇڏيو، احتجاج لاءِ گڏ ٿيندڙ سرڪاري ملازمن توڙي عام ماڻھن کي گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن ڏانھن منتقل ڪيو، ماڻھن کي گاڏين مان لاھي گرفتار  ڪرڻ وارا ويڊيوز  به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويا، جن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته گرفتار ماڻھو پوليس اھلڪارن کي ھٿ ٻڌي ايلاز ڪندي چئي رهيا آهن ته اسان احتجاج لاءِ ڪونه آيا آھيون، پر پوليس اھلڪارن سندن ھڪ به نه ٻڌي ۽ ٿاڻن تي منتقل ڪيو، جڏهن ته سڄو ڏينھن پريس ڪلب جا رستا چئني طرفن کان بند رھيا جنھن سبب ٽريفڪ کي به ڏکيائي پيش آئي، ٻئي پاسي ڊي آر او نه ملڻ خلاف ڪراچي ۾ احتجاج لاءِ پھتل سرڪاري ملازمن پاران سنڌ سرڪار جي نمائندن جي خاطري کانپوءِ احتجاج نه ڪرڻ جي شرط تي پوليس پاران گرفتار سمورن ملازمن کي آزاد ڪري ڇڏيو، ملازم تنظيم جي اڳواڻن شفيع محمد سٺيو، عبدالرحيم ڀارو، فراز احمد، سيد ذوالفقار علي شاھ، علي مردان شيخ سان گڏ پريس ڪلب پھتا جتي وڪيل عامر نواز وڙائچ، ايس ايس پي سٽي نعيم احمد چاچڙ گڏ ھئا، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ سرڪار اسان جا مطالبا مڃڻ جي خاطري ڪرائي آھي اڄ ضياءُ لنجار يا سيد ناصر شاھه سان ڳالھيون ٿينديون، اسانجو ھڪ ئي مطالبو آھي ته اسان کي ڊي آر اي ڏنو وڃي، وفاقي سرڪار به ڊي آر او ڏنو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.