ملڪ ۾ برسات، اترين علائقن ۾ تباهي،24 ڪلاڪن ۾ 21 فوت، گلوف الرٽ جاري

اسلام آباد/گلگت/ لاهور (بيورو رپورٽ+ م ڊ) ملڪ اندر برساتن جو سلسلو جاري آهي،24 ڪلاڪن ۾ 21 ڄڻا فوت ٿي ويا.  ديامير ۾ برساتن سبب پنج ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪيتريون ئي گاڏيون لڙهي ويون آهن. اڄ وڌيڪ تيز برساتن سبب برفاني ڍنڍون ڦاٽڻ جي خدشي بب گلوف الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي لڪ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ آنڌاري۽ گجگوڙ ۽ کنوڻ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ موجوده موسمي صورتحال سبب گليشيئر ليڪ آئوٽ برسٽ فلڊ (گلوف) ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي. موسميات کاتي موجب تيز وسڪارن سبب چترال، دير، سوات، شانگلا، مانسهرا، ڪوھستان، ايبٽ آباد، بونير، چارسدا، نوشهرا، صوابي، مردان، مري، گليات، اسلام آباد، راولپنڊي، ڊي جي خان، پنجاب ۽ ڪشمير جي ندين نالن ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اسلام آباد،راولپنڊي، گوجرانوالا، لاهور، سيالڪوٽ، سرگوڌا، فيصل آباد، اوڪاڙا، نوشهرا ۽ پشاور ۾ به شهري ٻوڏ جو خطرو آهي. ان کانسواءِ خيبر پختونخوا، مري، گليات، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو امڪان آهي. گلگت بلتستان جي ضلعي ديامر ۾ طوفاني برساتن، شديد ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ تباهي وڪوڙي وئي آهي۔ ٻوڏ جي وهڪري ۾ وهي وڃڻ سبب فوتين جو انگ پنج ٿي ويو آهي، جن مان چار سياح به شامل آهن. ٻوڏ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تائين رستا مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن، جڏهن ته موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس به سخت متاثر ٿي آهي اکين ڏٺن شاهدن موجب وهڪرن ۾ 30 کان 40 تائين سياح وهجي ويا آهن۔ 200 کان وڌيڪ سياحن کي بچائي چلاس منتقل ڪيو ويو آهي، مقامي انتظاميا موجب، ڪلائوڊ برسٽ کان پوءِ واديءَ ۾ اوچتو ايندڙ شديد ٻوڏ ڪيترن ئي تفريحي علائقن ڏانهن ويندڙ سياحن کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. وهڪرن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون به وهي ويون۔ پنج ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو گم آهن۔ امدادي ڪارروايون جاري آهن پر ڏکين رستن، خراب موسم ۽ تباهه ٿيل روڊن سبب مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. فوتين ۾ لوڌران سان تعلق رکندڙ هڪ عورت ڊاڪٽر، سندس سهرو ۽ ڏير شامل آهن، جڏهن ته ٽن سالن جو پٽ اڃا تائين لاپتا آهي. رابطي جو نظام بند ٿيڻ سبب ڦاٿل سياحن سان رابطو ممڪن ناهي رهيو۔ ضلعي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. راولپنڊي، اسلام آباد ۾ به طوفاني برساتن تباهي آندي، گاڏيون وهي ويون، ڇپون ڪري پيون، ۽ ڊيم جا اسپل وِيز کوليا ويا. ساهيوال سان تعلق رکندڙ هڪ ٻئي خاندان جي گاڏي ٻوڏ جي وهڪري ۾ ڦاسي وئي هئي، پر خوشقسمتي سان رڳو مالي نقصان ٿيو ۽ سڀ فرد محفوظ رهيا. متاثرن جو چوڻ آهي ته امدادي ادارن جي اچڻ ۾ دير ۽ رابطي جو نظام بند ٿيڻ پريشاني وڌائي ڇڏي. انتظاميا پاران مقامي ماڻهن ۽ سياحن کي متاثر علائقن کان پري رهڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پاڪ فوج ۽ ٻيا ادارا امدادي آپريشن ۾ مدد ڪري رهيا آهن. ديامر ۾ شديد ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ٿَڪ-بابوسر روڊ تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي۔ ڊپٽي ڪمشنر ديامر عطاالرحمٰن ڪاڪڙ جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايمرجنسي فوري طور لاڳو ڪئي وئي آهي .وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال سبب جاني ۽ مالي نقصانن، ۽ اسلام آباد جي هائوسنگ سوسائٽي ۾ هڪ پيءُ ۽ ڌيءَ جي گاڏي سميت ٻوڏ جي پاڻي ۾ وهي وڃڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي۔ شهباز شريف اسلام آباد جي هائوسنگ سوسائٽي ۾ نالي ۾ وهيل پيءُ ۽ ڌيءَ جي بچاءَ لاءِ سڀ ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي۔ وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن تيز ڪرڻ ۽ زخمين کي فوري طبي امداد ڏيڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. شهباز شريف طرفان اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن سان مسلسل رابطو رکن ۽ سڀ ضروري سهولتون مهيا ڪن۔ وزيراعظم چيو آهي ته متاثر ماڻهن تائين فوري امداد پهچائي وڃي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ ممڪن حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تياري رکي وڃي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.