اسلام آباد(قربان بلوچ)ڇا پارلياماني طرز حڪمراني جو نظام ناڪام ٿي ويو؟عوام کي ڪو به رليف نه ملي سگهيو،نئين تجويز ڪيل نظام ۾ وفاق ۽ صوبن جي ڪابينائن ۾ ٽيڪنوڪريٽس ۽ ماهر کنيا ويندا،انهن جو ريشو 60/40 سيڪڙو هوندو،ڪابينائن ۾ جيڪي 40 سيڪڙو ٽيڪنوڪريٽ ۽ ماهر کنيا ويندا انهن ۾ وزيراعظم يا وڏن وزيرن جو ڪو به عمل دخل نه هوندو،اهي مڪمل طور تي صدر پاڪستان جي صوابديد تي مقرر ٿيندا،اهي مختلف شعبن جا ماهر هوندا،جڏهن ته ڪابينائن ۾ جيڪي چونڊيل نمائندا کنيا ويندا اهي به متحرڪ رهندڙ کنيا ويندا،جيڪي ڪم ڪرڻ جي لائق هوندا،جيڪي عوام کي ڊليور ڪري سگهن،جڏهن ته سروس ڊليوري لاءِ ترقياتي ڪمن لاءِ مڪاني ادارا متحرڪ ڪيا ويندا،هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جي نمائندن جي ڪهڙي حيثيت بچندي؟اها ڳالهه طئي آهي ته نئون نظام پارلياماني ۽ صدارتي نظام جو مڪسچر هوندو، ان حوالي سان جيڪو ڊرافٽ تيار ٿيو آهي ان تي ڪوشش آهي ته ڊسمبر ۽ نومبر ۾ ان حوالي سان ڪا اڳڀرائي ٿئي،گذريل هفتي وزيراعظم جي فيلڊ مارشل سان اهم ملاقات ٿي جنهن بعد وزيراعظم صدر سان مليو،ذريعن موجب سينيٽ آف پاڪستان جي حوالي سان اها تجويز ڏني وئي آهي ته اها بي معني آهي،ان لاءِ اهي لفظ استعمال ڪيا وياآهن ته اها سياسي ڳٺ جوڙ جو فورم آهي،ان کان علاوه ان جي ڪا حيثيت ناهي،اهو به چيو ويو ته سينيٽ هاڻي بدنام ٿي چڪي آهي،ڇو ته اتي چونڊجي ايندڙ پئسا ڏئي اچن ٿا،ٻئي پاسي مڪاني ادارن ۾جيڪي نمائندا ڊويزن،ضلعي ۽ تعلقي سطح تي هوندا انهن تائين عوام جي پهچ يقيني بڻائي ويندي،سوال اهو آهي ته هن وقت به مڪاني ادارن ۾ سياسي ماڻهو ئي ويٺل آهن پوءِ نئين نظام ۾ اهي ڪهڙي ڪارڪردگي ڏيکاريندا؟ان حوالي سان جيڪو ڊرافٽ تيار آهي ان مطابق مالي طور بااختيار ٿيندڙ مڪاني نمائندن جي احتساب لاءِ نئون قانون بڻايو ويندو،اين ايف سي ذريعي صوبن ۾ صوبن کان ڊويزن،ضلعي ۽ تعلقي سطح تي جيڪي فنڊ ڏنا ويندا هر ضلعي ۾ ان جي آبادي،پسماندگي،تعليم،صحت جي بنياد تي فنڊ ڏنا ويندا،انهن جو حساب ڪتاب ٿيندو.
نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي اربع 23 جولاءِ 2025ع تي شايع ٿيو