سنڌ جو عوام ڪرپٽ مافيا جي گهيري ۾ آهي:اياز پليجو

حيدرآباد(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي جيستائين اقتدار ۾ رھندي تيستائين سنڌ جا ماڻهو ان مان چڱائي جي اميد نہ رکن سنڌ جو عوام ڪرپٽ مافيا جي گھيري ۾ آھي. برساتن کانپوءِ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي صورتحال بهتر ٿيڻ باوجود سنڌ حڪومت  شاخن ۽ واهن جي وقت سر کانٽي ۽ صفائي نہ ڪرائڻ ڪري پوڇڙ ۾ پاڻي اڃان تائين نہ پھچي سگھيو آهي  سجاول، بدين، سانگھڙ، ٽنڊو محمد خان جي ضلعن جي پوڇڙ وارا آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن ايريگيشن کاتو ڪرپشن جي ڪينسر ۾ ورتل آهي شاخن، واھن ۽ سم نالين جي کانٽين ۽ صفائي جي نالي ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي اياز لطيف پليجي چيو تہ واھن، شاخن سم نالين، ڪينالن ۽ پنڃاري جي کاٽي ۽ صفائي ناھي ٿي بند مضبوط نہ آهن.هن چيو ته  نيب، ايف آئي اي ۽ اينٽي ڪرپشن ڪرپٽ ماڻھن جي ڪنٽرول ۾ آھن. هن  چيو تہ ملڪي تاريخ ۾ ڪنھن بہ ڪرپٽ وزير کي گرفتار ڪري سزا ناھي ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.