جهڏو(ن ع آ) جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف ڀرپور تحريڪهلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ميڊيا سينٽر جهڏو تي پريس بريفنگ ڏيندي هن چيو ته اهڙي تحريڪ جي پهرين مرحلي جو آغاز عمرڪوٽ شهر ۾ 29 جولائي تي ڌرڻي هڻڻ سان ڪيو ويندو هن چيو ته حڪمرانن پاران ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ جوڙيل نام نهاد منصوبو سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضي جي هڪ گهري سازش آهي هن چيو ته حڪمران ڌريون پنهنجن آقائن جي خوشنودي لاءِ نه صرف سنڌ جي زمينن تي قبضي پر گڏوگڏ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي ڌاڙي جون رٿائون جوڙي ويٺا آهن ان ڏس ۾ عمرڪوٽ تعلقي جي 2 لک ايڪڙ زمين سنڌ حڪومت ڪمپني کي لکي ڏئي ڇڏي آهي ، ان موقعي تي جسقم اڳواڻ پنهل ساريو، نور محمد مري، ڄام منور سمون، ديشي نياز کوسو، يار محمد رن،د مدن لعل سنڌي، نعيم ڪلوئي آصف ڪپري، ڊاڪٽر سيف، ساجد سنڌي، تارہ چند سنڌي ۽ ٻيا درجنين ڪارڪن موجود هئا