ڪراچي(رپورٽ: آزاد لال حسين) ٽن ڪامورن جون خدمتون واپس وٺڻ لاءِ سنڌ سرڪار وفاقي حڪومت کي خط لکي ڇڏيو آهي، وفاقي سروس پي اي ايس جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ 19 گريڊ جي ٽن آفيسرن کي وفاق ۾ رپورٽ ڪرڻ کانپوءِ سنڌ سرڪار وفاقي سرڪار کي خدمتون واپس وٺڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت جي ھدايتن بعد سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين پاران وفاقي اسٽبلشمينٽ ڊويزن کي خط لکي چيو ويو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر سکر راجا ايم بي ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي محمد علي شاھ ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمد خان شاھزيب شيخ جون خدمتون واپس ڪيون وڃن، ٽنھي آفيسرن وفاقي پي اي سي جو امتحان پاس ڪيو ھو جنھن کانپوءِ وفاقي سرڪار نوٽيفڪيشن جاري ڪري حڪم ڪيو ھو ته ھو وفاق ۾ رپورٽ ڪن جنھن کانپوءِ سنڌ حڪومت وفاقي سرڪار کي خط لکي ٻيھر ٽنھي آفيسرن جون خدمتون واپس گھري ورتيون آھن.