فيلڊ مارشل سان واپارين جي ملاقات، ايف بي آر اختيارن بابت خدشا ظاهر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آل پاڪستان ٽيڪسٽائيل ملز ايسوسيئيشن (اپٽما) جي چيئرمين، ڪامران ارشد چيو آهي ته آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير سان واپاري برادري جي ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ هنن ايف بي آر جي اختيارن سان لاڳاپيل پيدا ٿيندڙ مسئلن بابت آگاهه ڪيو آهي.اپٽما طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي. پڌرائيءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گوهر اعجاز جي اڳواڻيءَ ۾ واپاري برادري سان ملاقات تي فيلڊ مارشل جا شڪرگذار آهيون۔ ان ملاقات ۾ ملڪ جي 18 واپاري چيمبرن جا صدر پڻ شريڪ هئا. ڪامران ارشد چيو ته واپاري برادري ايف بي آر جي اختيارن بابت پيش آيل مسئلن کان آگاهه ڪيو آهي۔ وفد مطالبو رکيو ته درآمدي ڪپهه، گري فيبرڪ ۽ ڌاڳي جي ڍير تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي.هن چيو ته اپٽما فيلڊ مارشل آڏو صنعتن لاءِ مهانگي بجلي جو مسئلو به پيش ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.