ڊي آءِ جي کان به ڪنٽونمينٽ بورڊ اهلڪارن پاران رشوت وٺڻ جو انڪشاف

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) سنڌ پوليس جي ڊي آءِ جي کان مبينا طور ڪنٽونمينٽ بورڊ جي اهلڪارن طرفان رشوت وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ڊي آءِ جي ريپيڊ ريسپانس فورس (آر آر ايف) عثمان غني صديقي ڪلفٽن واري علائقي ۾ شام جي وقت پنهنجي زال سان گڏجي ميڪسيڪن کاڌن جو اسٽال لڳائيندو آهي، ان پنهنجي هڪ انٽرويو دوران انڪشاف ڪيو آهي ته سي بي سي (ڪنٽونمينٽ بورڊ ڪلفٽن) وارن فوڊ اسٽال لڳائڻ تي مون کان به رشوت گهرڻ شروع ڪئي، مون کي چيو ويو ته پيسا ڏيو، نه ته سامان کڻي وينداسين، هن ٻڌايو ته اُن وقت هو اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين طور مقرر هو پوءِ هن سي بي سي جي اهلڪارن کي پنهنجو ڪارڊ ڏيکاريو ۽ چيو ته صبح جو منهنجي آفيس ۾ اچي پيسا وٺي وڃو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.