دڙو(رپورٽ:منٺار ٺاراڻي) دڙي ويجهو دڙي ٿاڻي جي حد ۾ موالي موري اسٽاپ ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ مير غلام علي ٽالپر جياوطاق جي سامهون موٽر سائيڪل تي سوار ٻن هٿياربندن فائرنگ ڪري موٽر سائيڪل سوار نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ آرام سان فرار ٿي ويا فائرنگ جي آواز تي ڀرسان موجود ماڻهو واقعي واري هنڌ گڏ ٿي ويا جڏهن تہ مقتول جي سڃاڻپ شڪارپور واسي علي شير پٽ هيبت تيغاڻي طور ڪئي وئي هوڏانهن دڙو ۽ ٻنون پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي رورل هيلٿ سينٽر دڙو مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن تہ واقعي جو ڪيس وغيره داخل ٿي نہ سگهيو آهي اسپتال ۾ موجود مقتول نوجوان جي پيءُ هيبت تيغاڻي ٻڌايو تہ منھنجو پٽ علي شير دڙي شھر مان سامان وٺي واپس ڳوٺ اچي رهيو هو تہ موٽر سائيڪل تي سوار ٻن هٿياربندن سندس دڙي شھر کان پيڇو ڪيو ۽ کيس فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو هن مطالبو ڪيو تہ قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او دڙو ٻڌايو تہ مقتول ڌر وارا اصل ۾ شڪارپور جا رهواسي آهن گذريل ڪجھ سالن کان ڪچي ۾ زمين آباد ڪري ويٺل آهن جڏهن تہ واقعو پراڻي دشمني جو نتيجو لڳي رهيو آهي