دادو (رپورٽ :غوث جھتيال) دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ دٻي نانگو شاهه ۾ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 5 اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ھڪ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو اطلاع تي اي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال دادو منتقل ڪيو پوليس موجب، مقتول نوجوان جي سڃاڻپ ڳوٺ علي خان کنڊ واسي منظور ولد لعل بخش سولنگي طور ٿي آهي، جيڪو محنت مزدوري لاءِ نڪتل هو ته ان دوران نامعلوم هٿياربندن مٿس حملو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي سڃاڻپ لاءِ جاچ جاري آهي، علائقي جي ناڪابندي ڪئي وئي آهي ۽ جلد ڏوهه ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو پوليس جو اهو به چوڻ آهي ته واقعي جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي