ڪراچي ۾ ڦر مزاحمت تي سونارو قتل،احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) ڪورنگي نمبر 2 ۾ سوناري جي دڪان مان ڦر جي واردات دوران ڏوهارين جي فائرنگ سبب سخت زخمي ٿيلدڪاندار عبدالمتين زخم برداشت نه ڪندي دم ٽوڙي ويٺو، پوليس موجب مقتول کي 3 گوليون لڳيون، جنهن سبب گهڻو رت وهڻ ڪري هو بچي نه ٿي سگهيو، زخمي عبدالمتين کي پهرين جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، بعد ۾ حالت ڳڻتي جوڳي ٿيڻ تي کيس نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي علاج دوران سندس لاڏاڻو ٿي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته واردات کان پوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا جاري آهي، واقعي خلاف دڪاندارن شديد احتجاج ڪيو ۽ ڪورنگي نمبر 2 جي مرڪزي شاهراهه بند ڪري ڇڏي، جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.