ايوان زراعت پاران زرعي انڪم ٽيڪس رد،عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) ايوان زراعت سنڌ جو اجلاس چيف پيٽرن ۽ مرڪزي صدر پروفيسر ڊاڪٽر سيد نديم قمر جي صدارت ھيٺ ايوان زراعت جي ھيڊڪوارٽر حيدرآباد ۾ ٿيو. جنھن ۾ سڄي سنڌ مان آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي آبادگارن حڪومت پاران آءِ ايم ايف جي چوڻ تي 45 سيڪڙو زرعي انڪم ٽيڪس لڳائڻ تي سخت احتجاج ڪندي اھڙي ٽيڪس ايڪٽ کي غير آئيني، غير قانوني ۽ غير اخلاقي قرار ڏيندي مڪمل طور تي رد ڪندي اھڙي قانون کي عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. اجلاس ۾ چيو ويو ته آبادگارن کي زرعي جنسن جو ڪوبه مناسب اجورو نه ملي رھيو آھي، ان ڪري زرعي انڪم ٽيڪس لڳائڻ جي ڪابه بنيادي وجھ نظر نٿي اچي، ايوان زراعت سڄي سنڌ جي آبادگارن کي زرعي انڪم ٽيڪس نه ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو آھي ته جيڪڏھن حڪومت ٽيڪس نه ڏيڻ جي بنياد تي گرفتاريون ڪندي ته سنڌ جا ڪروڙين آبادگار گرفتاري ڏيڻ لاءِ تيار آھن پر اھي زرعي انڪم ٽيڪس ڪڏھن به نه ڏيندا. اجلاس ۾ ايوان زراعت سنڌ ڪڻڪ جو اگھ نه ملڻ تي سڄي سنڌ جي آبادگارن کي ھلندڙ سال 2025-2026ع ۾ ڪڻڪ جي فصل جي پوکي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آھي ته آبادگار ڪڻڪ جي جڳھ تي متبادل فصل سرنھن، ڪلونجي، سورج مکي سميت ٻيا تيلي ٻج جا فصل پوکين. اجلاس ۾ آبادگارن چيو ته ڪڻڪ جي فصل جو انتھائي گھٽ اگھ ھجڻ جي ڪري فصل تي خرچ ٿيندڙ لاڳت به نٿي نڪري، ان ڪري اسان ھن سال کي ڪڻڪ جي فصل جي پوکي نه ڪرڻ جو سال ڪري ملهائينداسين. اجلاس ۾ ايوان زراعت طرفان ھلندڙ سال ڪپھ جي فصل ۾ 40 سيڪڙو لاٿ تي سخت ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو ويو ته ھڪ اندازي مطابق ھن سال 40 لک ڳٺڙين کان مٿي ڪپھ جي اپت نه ٿيندي. آبادگارن کي ھن سال ڪپھ جو اگھ تمام گھٽ ساڍا 6 ھزار رپيا في مڻ ملي رھيو آھي. جڏھن ته سنڌ جي زراعت کاتي جي وزير حيدرآباد ۾ ڪپھ جو اگھ 11 ھزار رپيا ڏيارڻ جو واعدو ڪيو ويو ھو پر ان تي ڪوبه عمل نه ٿيو. اجلاس ۾ ايوان زراعت سنڌ ڪوٽڙي بئراج، سکر بئراج ۽ گڊو بئراج جي پڇڙين ۾ پاڻي جي سخت کوٽ تي احتجاج ۽ ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آھي ته ملڪ ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ٿي چڪي آھي، ان ڪري ڪوٽڙي، سکر ۽ گڊو بئراجن تي پاڻي جي سخت اڻاٺ سمجھ کان ٻاھر آھي. ايوان زراعت سنڌ مطالبو ڪري ٿي ته سنڌ سرڪار فوري طور تي سيڪريٽري آبپاشي کي طلب ڪري سنڌ جي ٽنھي بئراجن تي پاڻ جي کوٽ جو پڇاڻو ڪري ۽ فوري طور تي سنڌ ۾ پاڻي جي وارابندي کي ختم ڪيو وڃي. اجلاس ۾ سنڌ جي آبادگارن کي چيو ويو ته اھي فوري طور تي تعلقن جي مختيارڪارن ۽ ٻي لاڳاپيل عملي سان رابطو ڪري بينظير ھاري ڪارڊ ٺھرائين. اجلاس ۾ خصوصي طور تي چيئرمين سيڊا قبول محمد کٽياڻ، جنرل سيڪريٽري زاھد حسين ڀرڳڙي، نبي بخش سٺيو، رئيس شاھنواز خان جمالي، اصغر خان نوناري، رئيس مراد علي خان نظاماڻي، سڪندر علي سريوال، بلال خان لغاري، مير عبدالڪريم ٽالپر سميت ٻيا آبادگار وڏي انگ ۾ موجود ھئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.